Friday , April 19 2024

سپريم ڪورٽ سمٽ بئنڪ کي سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪرڻ جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار سنڌ بئنڪ ۾ سمٽ بئنڪ کي ضم ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ملڪيت واري سنڌ بئنڪ ۽ هڪ نجي بئنڪ؛ سمٽ بئنڪ پرائيويٽ لميٽيڊ کي ضم ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو هو ته سنڌ بئنڪ نجي بئنڪ سمٽ خريد ڪندي، جنهن بعد اها سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ، جي چيف جسٽس، جسٽس ٿاقب نثار سمٽ بئنڪ کي سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪرڻ واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ٻنهي بئنڪس جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرز / سي اي او کي طلنب ڪيو هو. ٻنهي بئنڪن جا سي اِي اوز سپريم ڪورٽ جي طلب ڪرڻ تي، جمعي ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي عدالت آڏو پيش ٿيا.

چيف جسٽس، بئنڪن جي چيف ايگزيڪٽوز کان پڇاڻو ڪيو ته سمٽ بئنڪ کي ڪنهن قانون تحت سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪيو پيو وڃي؟ چيف ايگزيڪٽو آفيسرن وراڻي ڏني ته اسٽيٽ بئنڪ جي اجازت سان انضمام ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڪارروائي هلندڙ آهي، جنهن کانپوءِ عدالت، سمٽ بئنڪ کي سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪرڻ بابت 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ بئنڪ ۽ سمٽ بئنڪ جي پاڻ ۾ انضمام يا وري سنڌ بئنڪ پاران سمٽ بئنڪ خريد ڪرڻ واري معاملي بابت سنڌ سماءَ چار جي ڪراچي واري رپورٽر خبر ڏني آهي ته، سمٽ بئنڪ جيڪا شروع ۾ بولان بئنڪ پرائيويٽ لميٽيڊ جي نالي سان ڪم ڪندي هئي؛ اها ڪجهه سال اڳ ” ماءِ بئنڪ پرائيويٽ لميٽيڊ “ تبديل ٿي وئي ۽ بعد  “ جي نلاي سان پاڪستان اندر ڪم ڪرڻ لڳي. سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سمٽ بئنڪ مالي  گهوٽالي کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب ان کي سنڌ بئنڪ خريد ڪري رهي آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، سمٽ بئنڪ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جا پنهنجي فرنٽ مين معرفت شيئرز آهن ۽ بئنڪ کي هٿ سان گهاٽي ۾ آڻي ان کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، هن وقت مارڪيٽ ۾ سنڌ بئنڪ سٺي ساک ۽ ان جي شيئرز جي به سٺي اهميت آهي. جيڪڏهن سمٽ بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ جو پاڻ ۾ مرجر ٿيو ته سنڌ بئنڪ جي گهاٽي/ نقصان ۾ وڃڻ جو خدشو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *