Friday , April 19 2024

سي ٽي ڊي پوليس فرزانا جمالي جي ڀاءُ کي دهشتگرد ڪري پيش ڪري ڇڏيو

حيدر آباد( خاص نمائندو     سنڌسماءَ چار)  ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) حيدرآباد پاران نوابشاهه ڌماڪي ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي جي دعويٰ  ڪندي شاگردياڻي فرزانا جمالي جي ڀاءُ ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل زوهيب جمالي کي پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪارڪن هجڻ جي پڻ دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته گرفتار جوابدار عارف پنهور جِي نوابشاهه ۾ دڪان تي ڇاپو هڻي ديسي ساخت جو بم، بم ٺاهڻ واري مشين، ڌماڪيدار مادو ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جا پمفليٽ هٿ ڪيا ويا آهن. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمون چيو ته گذريل مهيني 28 تاريخ تي هڪ بم ڌماڪي واري ڪيس ۾ جوابدار زوهيب جمالي ۽ عارف پنهور گرفتار ٿيل آهن جن کان معاملي جي جاچ هلندڙ آهي. هن چيو ته سي ٽي ڊي اڄ نوابشاهه ۾ ڪارروائي ڪندي گرفتار جوابدار عارف پنهور جي دڪان مان بارودي مواد، ديسي ساخت جو هڪ بم ۽ بم ٺاهڻ واري مشين هٿ ڪئي آهي. ايس ايس پي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ دعويٰ ڪئي ته، گرفتار جوابدار زوهيب جمالي، عارف پنهور ۽ نادر ڀنگوار بم ٺاهڻ واري هڪ مشين ٺاهي هئي جنهن ذريعي هو ديسي ساخت جو بم ٺاهيندا هئا، جوابدار بم ٺاهڻ جي تربيت به حاصل ڪئي هئي. عرفان سمون جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران دڪان مان ڪجهه پمفليٽ به مليا آهن جن تي سي پيڪ منصوبن کي نشانو بڻائڻ جو لکيل آهي. ايس ايس پي سي ٽي ڊي چيو ته جوابدار سي پيڪ منصوبن کي نقصان پهچاڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا ۽ جوابدارن کي بم سي پيڪ منصوبن خلاف استعمال ڪرڻو هو. گرفتار جوابدار زوهيب جمالي ۽ عارف پنهور سنڌ اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث رهيا آهن. عرفان سمون چيو ته هڪ بم ٺاهڻ ۾ 7 کان 8 ڪلاڪ لڳندا آهن ۽ هٿ آيل ڌماڪيدار مادو انتهائي خطرناڪ آهي، سنڌ سرڪار معاملي جي جاچ لاءِ هڪ جي آءِ ٽي به جوڙي آهي. ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمون چيو ته گرفتار جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم آهي، جن خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *