Thursday , April 18 2024

سيوهڻ سانحو: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرچ آپريشن، 70 ڄڻا گرفتارُ

سيوهڻ سانحي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، رينجرز ۽ پوليس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرچ آپريشن، 70 ڄڻا گرفتار سيوهڻ سانحي بعد ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري ٻن افغانين سميت 69 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سموري ملڪ ۾ 1100کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي، جن ۾ افغان شهري به شريڪ آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب ملڪ ۾ ڏوهاري ماڻهن خلاف ساڍا 6 سئو کان وڌيڪ ڪارراوئيون ڪيون ويون، جنهن دوران 1100 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن پڪڙيو ويو، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪارروايون پنجاب ۾ ڪيون ويون آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب سيوهڻ سانحي کانپوءَ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ڪاررواين دوران 105 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. ڪراچي جي بن قاسم ٽائون ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ پوليس رستا سيل ڪري سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 35 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو. سانگهڙ ضلعي کڏڙو شهر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن افغانين سردار خان ۽ جمع خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 7 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيلن خلاف 4 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس واره شهر مان 11 ۽ نصير آباد مان به هڪ شهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *