Thursday , April 25 2024

سينيٽ جو اجلاس 17 جولاءِ تي طلب، جي آءِ ٽي رپورٽ تي بحث جو امڪان

senat ijlas

اسلام آباد:وفاقي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ 17 جولاءِ تي سياسي گرمي پد وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ سڄي ملڪ جون نظرون 17 جولاءِ واري ڏينهن تي کتل آهن، جنگ گروپ کي مليل توهين عدالت نوٽيسز، جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ۽ سخت بيان بازي ڪندڙ نواز ليگ جي ميمبرن بابت ڪيس جي به ٻڌڻي ٿيندي. سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني به سينيٽ جو اجلاس سومر 17 جولاءِ تي گهرائي ورتو آهي.

سينيٽ آف پاڪستان جو اهم اجلاس 17 جولاءِ تي ٿيندو، وزيرن، مختلف وزارتن، سنڌ سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل اختيارين کي اجلاس ۾ موجود هجڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي نوٽيفڪيشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني سينيٽ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي. سينيٽ جي اجلاس سڏائڻ وارو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، اجلاس 17 جولاءِ تي سومر ڏينهن شام جو 4 وڳي ٿيندو.

نوٽيفڪيشن ۾ سينيٽ جي ميمبرن سان گڏ، سمورن وزيرن، مختلف وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان سميت لاڳاپيل سمورن ادارن/کاتن/وزارتن جي سربراهن کي به اجلاس ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي  آهي. نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه صوبن جي چيف سيڪريٽريز کي به اجلاس دوران سينيٽ ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدآمدد بئنچ  به 17هين جولاءِ تي صبح جو جي آءِ ٽي جي پيش ڪيل رپورٽ بابت اهم ٻڌڻي ٿيندي. جنهن دوران ايس اي سي پي جي چيئرمين تي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. جنگ گروپ کي جي آءِ ٽي ۽ پاناما ڪيس بابت اعتراض جوڳيون خبرو ڇاپڻ تي جاري ڪيل توهين عدالت واري ڪيس جي به ٻڌڻي ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *