Friday , March 29 2024

ڪراچي: آدمشماري ڪندڙ سوين ملازمن کي معاوضو نه مليو، سينسز ڪميشن پاران معاوضو ڏيڻ کان ٺپ جواب

census saman1

ڪراچي ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي مان سوين ملازمن کي معاوضو ناهي ڏنو ويو.آدمشماري ڪندڙ تعليم کاتي جي ملازمن جو چوڻ آهي ته، آدمشماري جي تربيت دوران کائن بئنڪ اڪائونٽ ورتا ويا هئا. سينس ڪميشن جي عملدارن ان وقت چيو هو ته آدمشماري جو ڪراچي ۾ هلندڙ مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پهريان ئي اوهان کي مقرر معاوضو ادا ڪيو ويندو، جيڪو سڌو سئون اوهان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي ويندو.

آدمشماري ڪندڙ تعليم کاتي سنڌ جي متاثر ملازمن جو چوڻ آهي ته، هنن ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري آدمشماري جو معاوضو نه ملڻ جي شڪايت ڪئي. متاثرن موجب پهريان ڪجھ ڏينهن تائين سندن اختيارن آسرا ڏنا پر آخر چيو ويو آهي ته، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن به آدمشماري ڪرڻ جو معاوضو گهريو ته انهن خلاف ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪارروائي ڪري سندن پگهارون به بند ڪيون وينديون.

آدمشماري ڪندڙ تعليم کاتي سنڌ جي ملازمن / ٽيچرس جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي وٽان مايوس ٿيڻ بعد انهن سينسز ڪميشن ڪراچي جي اختيارين سان وفد جي صورت ۾ رابطو ڪري معاوضو نه ملڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن هڪ هفتي اندر مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کي به ٻه هفتا گذري يا آهن پر، اختيارين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو. هاڻي سينسز ڪميشن جي اختيارين چيو آهي ته، جيڪڏهن ڪو به ملازم ٻيهر آفيس ۾ معاوضي لاءِ آيو ته سندن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

census-karachi

آدمشماري جي ڊيوتي ڪندڙ ۽ معاوضي ملڻ کان رهجي ويل تعليم کاتي جي ملازمن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته سندن مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ گورنر هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *