Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 84 سيڪڙو ٿي وئي، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ

سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سب خريف جو فصل شديد متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.  رپورٽ موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 85 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، بئراج وٽان پاڻي جي گهرج 12600 ڪيوسڪ ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي فراهمي 3035 ڪيوسڪ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ارسا پاران گڊو بئراج وٽان بلوچستان لاءِ 3500 ڪيوسڪ پاڻي جو حصو پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 52 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 31100 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 10020 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪوٽڙي بئراج وٽ 6060 ڪيوسڪ پاڻي موجود ۽ انڊينٽ 21700 ڪيوسڪ آهي. آبپاشي ماهرن موجب هن وقت سنڌ صوبي ۾ خريف جي فصل لاءِ پاڻي جي  گهرج شديد آهي، وقت سر پاڻي نه پهچڻ جي نتيجي ۾ فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ بيٺل فصل، ڀاڄيون ۽ باغ سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، وونئڻن جي پوکي سخت متاثر ٿي رهي آحي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪمند جي فصل کي به نقصان پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ انبن، ليمن، ۽ ڪيلي جي باغن کي مناسبت مقدار ۾ پاڻي نه ملڻ سبب انهن جي اپت ۽ ذائقي ۾ به اهو چس ختم ٿي رهيو آحي جيڪو قدرتي طور تي انهن ۾ پاڻي جو صحيح مقدار ملڻ سان هجڻ گهرجي . جن علائقن ۾ پاڻي ڪجهه نه ڪجهه اچي رهيو آهي اتي وري بااثر سياسي ڀوتار آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ بدران وفاقي سرڪار تي ڪاوڙي ويٺي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *