Friday , April 19 2024

سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ صحافي گولين جي  بک بڻايو ويو

جيڪب آباد پوليس شهيد صحافي ذوالفقار مندراڻي جو خون لوڙهڻ لاءِ ٽِڪساٽ ڪرڻ ۾ جنبي وئي

جيڪب آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ 6 مهينن اندر هڪ وڌيڪ صحافي گولين جي بک بڻجي ويو، ڳڙهي خيرو ڀرسان هٿياربندن ذوالفقار مندراڻي کي شحيد ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي جيڪب آباد صحافي جو قتل لوڙهڻ لاءِ ڄار وڇائڻ شروع ڪري ڏنو، معاملي کي ڪارنهن جورنگ ڏيڻ جي سازش. ڳڙهي خيرو جي دوداپور واري علائقي جوابدارن ڪاوش گروپ جي اخبار روزاني ڪوشش دوداپور جي صحافي ذوالفقار مندراڻي کي بهاني سان گهرائي سندس گاڏي مان زوري لاهي سڌيون گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي شڪارپور بشير بروهي جي هدايتن تي پوليس 2 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي پوليس معرفت سندن وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرائي ڇڏيا آهن، جن ۾ جوابدار ايس ايس پي بشير بروهي جوابدار ڌر سان ملي پنهنجي اُڻيل سازش ذريعي جوابدار ڌر جي ٻن ڄڻن رياض دايو ۽ نذير دايو کي حراست ۾ وٺي لاڪ اپ مان سندن وڊيو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ اُهي شهيد ذوالفقار مندراڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل جو بيان ڏين ٿيا. ان سلسلي ۾ شهيد ذوالفقار جي والد چيو آهي ته پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار اصل قاتل ناهن، پوليس ڊراامو رچائي شهيد صحافي پٽ جو خون لوڙهڻ لاءِ ٽِڪ ساٽ ڪري رهي آهي.

جهاز سانحي جي جاچ ۽ پائليٽ؛ سنڌسماءَچار هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کان اڳتي، پائليٽ جي والد واضح ڪري ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *