Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ ايڊز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڊاڪٽر آن دي رڪارڊ ڳالهائڻ کان گهٻرائڻ لڳا

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ”ايڊز صرف لاڙڪاڻي نه پر، بدين، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار، خيرپور، نوابشاهه، دادو، مٽياري ۽ حيدر آباد ۾ به آهي، انگ اکر سامهون آيا ته رتو ديرو ۽ نئون ديرو وسري ويندو“، اهڙي دعويٰ صحت کاتي جي ڪجهه ڊاڪٽرز سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي ڪئي آهي، سندن چوڻ آهي ته، سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرز ايڊز جي ڦهلاءَ جو مک ذريعو ضرور آهن پر، بنيادي انساني ضرورتون موذي مرضن جي ڦهلاءَ ۽ ان کان بچاءَ لاءِ جاڳرتا فائيو اسٽار هوٽلز ۾ ٿينديون ته ائين ئي ٿيڻو آهي. رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ ايڊز واري موذي مرض جي وبائي صورت ۾ سامهون اچڻ کانپوءِ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهو مرض رڳو لاڙڪاڻي ضلعي تائين محدود نه آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار پاران صحت کاتي جي ڊاڪٽرز سان ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران ۾ انهن دعويٰ ڪئي آهي ته، ايڊز جو ۽ ڪاري ڪامڻ جو مرض سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ موجود آهي، ڪجهه ماڻهو ان کي لڪائين ٿا ۽ ڪيترائي ماڻهون ان مرض ۾ مبتلا هجڻ باوجود اڻڄاڻ بڻيل آهن، پر اهڙن مريضن کان انهن علائقن جا ڪجهه ڊاڪٽر باخبر آهن.“

سنڌسماءَچار کي ايڇ آءِ وي بابت گڏ ڪيل معلومات دوران ڪو به ڊاڪٽر پنهنجو نالو لکڻ جي اجازت نه پيو ڏئي، نوابشاهه ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، ”ڪنهن مريض کي رت لڳائڻ لاءِ اسڪريننگ تمام گهٽ ٿئي، ڪنهن حادثي، ڊليوري وقت ڪنهن عورت يا وري ڪاري ڪامڻ سميت ڪنهن مريض کي جڏهن رت جي ضرورت هوندي آهي ته، مريض جي مائٽن کي چوندا آهيون ته رت جو بندوبست ڪيو، جنهن جو 90 سيڪڙو جواب هوندو آهي ته، ڊاڪٽر صاحب مهرباني ڪري رت جو بندوبست ڪيو اسان پيمينٽ ڪنداسين“.

ڊاڪٽر ٻڌايو تي،” جيڪڏهن ڪو عزيز ايمرجنسي جي موقعي تي رت ڏيڻ جي نيت ئي نه ٿو رکي ته پوءِ مجبورن رت ڊونرز ۽ وري بلڊ بئنڪس کان حاصل ڪئي ويندي آهي، ڪوشش هوندي آهي ته رت جي مڪمل چڪاس ڪئي وڃي پر اڪثر ڪيسز ۾ رت جي اسڪريننگ نه ٿي ڪئي وڃي، جيڪو به هڪ مک ڪارڻ آهي جنهن سان ايڊز جو مرض ڦهلجي رهيو آهي.“ ايڇ آءِ وي وائرس پکڙجڻ جي سلسلي ۾ چانڊڪا اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ”لاڙڪاڻي ۾ ته هي ڪيسز ظاهر ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، پر خيرپور، سکر، دادو، قمبر، ڪشمور، بدين، سانگهڙ، سکر، گهوٽڪي ضلعن خاص طور تي انهن ضلعن جي شهري آبادي ۽ انڊسٽريل علائقن ۾ ايڊز جو مرض موجود آهي، ڪراچي جي گلستان جوهر، قائد آباد، ڪورنگي، سائيٽ ايريا جا رهائشي علائقا، اورنگي ٽائون جو ڪٽي پهاڙي وارو علائقو، سهراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر، ابراهيم حيدري، بنگالين، برمين ۽ افغانين واريون آبادين ۾ ايڇ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي.“ هن هڪ تجويز  ڏني آهي ته، سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين لاءِ ايڇ آءِ وي ٽيسٽ، هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وڃي، شادي کان اڳ عورت ۽ مرد ٻنهي جي ايڇ آءِ وي ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وڃي ۽ ان کانسواءِ نڪاح نامون رجسٽرڊ نه ڪيو وڃي، ان لاءِ سخت قانوني سازي وقت جي اهم ضرورت آهي.“

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *