Saturday , April 20 2024

سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن۾ برسات

ڪراچي رپورٽر. سنڌسماءَچار ڀارتي علائقي گجرات مان برساتي سلسلو سنڌ ۾. داخل ئي ويو، بلوچستان جي جي مختلف علائقن۾ به تيز ھوائن سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڀارتي گجرات مان مان سنڌ جي ڏاکڻين علائقن۾ برسات جو سلسلو داخل ٿي چڪو آهي، گولاڙچي، ڪريو گھنور، ڪوٽ غلام محمد، سميت مختلف علائقن۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. ڪراچي شهر ۾ به برسات شروع ٿي وئي آهي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، سپر ھاءِ وي، صدر، نارٿ ڪراچي، ڀٽائي آباد، صفوران ڳوٺ سميت مختلف علائقن۾  تيز ھوا سان گڏ وقفي وقفي سان ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. گولاڙچي،ڪڙيو گھنر،سامارو، ڪوٽ غلام محمد، کوسڪي سميت ڀرپاسي وارن علائقن۾ به برسات ۽ تيز ھوائن سان ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي

بلوچستان جي حب، اوٿل، ڪنراج ۽ لسٻيلي سميت ڪيترن ئي علائقن۾ تيز ھوائن سان گڏ وقفي وقفي سان سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات کانپوءِ نديون، نئيون۽نالا وھي اچڻ کانپوءِ ٻوڏ جو به امڪان آهي..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *