Friday , March 29 2024

سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ٿيڻ وارو معاملو، حڪومت پاران انگ اکر ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ٿيڻ واري معاملي جو قومي اسيمبلي ۾ پڙڏاو، فيصل واوڊا پاڻي چوري واري معاملي تي سنڌ حڪومت جي ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، پاڻي ڇوري جا انگ اکر ايوان ۾ پيش ڪنداسين، پاڻي معاملي تي ن ليگ ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ تڪرار، وفاقي وزير مراد سعيد پاڻي چوري ٿيڻ بابت انگ اکر پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته، سڀني کي خبر آهي ته 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪنهن ڪئي، روڪي سگهو ته روڪيو، پاڪستان کي لُٽيندڙن جو احتساب ٿيندو،جيستائين سزا جزا جو نظام نه ايندو،ائين الزام لڳندا رهندا. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران اپوزيشن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. مراد سعيد اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته جن ماڻهن پاڪستان کي لٽيو آهي، انهن جو احتساب ڪيو ويندو، مان چوان ٿو ته روڪي سگهو ٿا ته روڪيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڻي جي مسئلي بابت وزير اچي وسيلن بابت جواب ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن دوران ڌانڌلي ٿي هئي، اسان پهرين ڏينهن ئي ڌانڌلي بابت ڪميٽي جي منظور ڏني هئي. مراد سعيد چيو ته اسٽيل ملز، واپڊا، پي آءِ اي کوٽ ۾ آهن، ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن. گذريل حڪومت ناڻي جي ڦرلٽ ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *