Thursday , April 18 2024

سنڌ سرڪار عدالتي حڪمن تي راند کيڏڻ بند ڪري، ان جا نتيجا خراب نڪري سگهن ٿا: جسٽس محمد ڪريم خان آغا

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جسٽس محمد ڪريم خان آغا چيو آهي ته، سنڌ سرڪار عدالتي حڪمن تي عمل نه پئي ڪري، اهڙي راند نه کيڏي وڃي جنهن خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۾ ملوث آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي عهدن تان نه هٽائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري سميت کاتي جي 3 ڪامورن کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبپاشي کاتي ۾ روهڙي ڪئنال جي منصوبي ۾ 7 ارب رپيا ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻيءَ دوران نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اصل ذميوارن کي هٽائڻ بدران ٻين آفيسرن کي هٽايو ويو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري احمد جنيد ميمڻ، چيف انجنيئر ارشاد ميمڻ ۽ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر فياض خلاف 3-3 انڪوائريون هلي رهيون آهن، ٽئي آفيسر انڪوائرين تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. نيب جي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته عدالتي حڪم جي باوجود آفيسرن تي عهدن تان نه هٽايو ويو آهي. جسٽس محمد ڪريم خان آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت عدالتن سان راند کيڏڻ بند ڪري، راند جا نتيجا خراب نڪري سگهن ٿا.عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جي عهدن تي رهڻ سان شفاف جاچ نه ٿي ٿي سگهي، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان هٽايو وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته چيف انجنيئر ڇو پيش ناهي ٿيو؟ سنڌ حڪومت جي وڪيل جواب ڏيندي ٻڌايو ته چيف انجنيئر ڪينسر جو مريض آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن سبب پيش ناهي ٿي سگهيو.عدالت سيڪريٽري آبپاشي کي 7 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري نيب کي روهڙي، جمڙائو ۽ نارا ڪئنال جي سروي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *