Friday , April 19 2024

سنڌ حڪومت ڪتن کي خصي ڪرڻ وارو ظلم بند ڪري:خفتي مير محمد شر

سنڌ حڪومت ڪتن کي خصي ڪرڻ وارو ظلم بند ڪري،حڪومت اجايو 50 ڪروڙ خرچ پئي ڪري مان مفت ۾ اهو ڪم ڪندس:خفتي مير محمد شر

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ ڪتن کي خصي ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ جتي حڪومت تي تنقيد ٿي رهي آهي اُتي ڪتن جا خفتي به حڪومت تي ڏمريل آحن، جهول واسي ڪتن جي جهوني خفتي ڪتن کي خصي ڪرڻ واري حڪومتي اعلان  کي ظلم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪتن جي خفتي مير محمد شر چيو آهي ته، ڪتن کي خصي ڪرڻ بدران ڪُتين کي سُنڍ ڪيو وڃي. خفتي ميرم محمد شر جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪيترا ڪتا خصي کندي، هن حڪومت صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن حڪومت ڪتن جي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي ته مون سان رابطو ڪري، مون وٽ هڪ اهڙو ناياب نسخو آهي، جيڪو ڪهن شي ۾ ملائي مادي ڪُتِي کي کارائبو ته هوءَ ڪڏهن به ٻچا ڄڻي نه سگهندي، حڪومتي پروگرام تي 50 ڪروڙ تائين بجيٽ رکي وئي آهي، پر مان اهو سمورو ڪم رضاڪاراڻه طور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *