Saturday , April 20 2024

سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته جڏهن به چاهي ڪنهن آفيسر کي بدلي ڪري / ڪڍي ڇڏي: فاروق ايڇ نائيڪ جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اهڙا اهم عهدا حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، ڇا اها حڪومت جي مرضي آهي، جڏهن چاهي آءِ جي کي ڪڍي ڇڏي؟ سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اهو ئي چاهي ٿي ته، اُها جڏهن به چاهي ڪنهن به آفيسر کي تبديل ڪري / ڪڍي ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قائم بينچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي مقرري خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پوليس صوبائي معاملو آهي، آءِ جي جي ملازمت واري عرصي جو تعين ڪرڻ سنڌ حڪومت جو اختيار آهي، جنهن تي چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ريماڪس ڏيندي چيو ته 18 هين ترميم بعد معاملا ڪافي حد تائين حل ٿي وياآهن پر ڪجهه اڃان به حل طلب آهن.

 چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان اهو چاهيو ٿا ته سنڌ حڪومت کي اختيار ڏئي ڇڏجي ته جڏهن چاهي ڪنهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي، جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته هو اهو ئي چوڻ چاهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته اهڙا اهم عهدا حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *