Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت نيٺ 32 ڊاڪٽرن کي ٿرپارڪر جي مختلف اسپتالن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت آخرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ 32 ڊاڪٽرز کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، مختلف ضلعن مان بدلي ڪيل ڊاڪٽرز ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر به شامل آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سپريم ڪورٽ جي خاص حڪم تي ٿرپارڪر ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ مختلف ضلعن مان 32 ڊاڪٽر بدلي ڪري ٿرپاڪر جي اسپتالن ۾ مقرر ڪيا ويا. نوٽيفڪيشن موجب عمرڪوٽ، بدين، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽  سانگهڙ ضلعن جي اسپتالن مان اسپيشلسٽ، ميل ۽ فيميل ڊاڪٽرن کي بدلي ڪري ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ موڪليو ويو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار صحت کاتي ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي پر سپريم ڪورٽ جي خاص حڪم تي 32 ڊاڪٽرن کي بدلي ڪري ٿرپاڪر جي اسپتالن ۾ موڪليو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *