Thursday , March 28 2024

سنڌ حڪومت سيڪيورٽي نه ڏني ته قلندر کي چئوس ته پنهنجي حفاظت ڪري….

Khursheed shah1خورشيدشاهه

مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ، قلندر لال شهباز جي مزار تي سنڌ حڪومت سيڪيورٽي مهيا نه ڪري سگهي ته، وڃو وڃي قلندر شهباز کي چئو ته هو پنهنجي مزار جي حفاظت پاڻ ڪري . خورشيد شاهه اهڙو اظهار شڪارپور ۾ هڪ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيند ان وقت ڪيو، جڏهن هڪ صحافي کائنس سيوهڻ ۾ ناقص سيڪيورٽي انتظامن بابت سوال ڪيو.

خورشيد شاهه ان کان اڳ ۾ به سيوهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، سنڌ حڪوممت جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ته هاڻي قلندر ئي پاڻ دهشتگردن کي پڄندو. خورشيد شاهه اهڙو جواب به ان وقت ڏنو هو جڏهن ڪنهن صحافي ئانس سوال ڪيو هوته ، ڇا سنڌحڪومت سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ يا جوابدارن جي گرفتاري ۾ ڪا اڳڀرائي/ ڪاميابي ماڻي سگهي آهي، جنهن تي خورشيد صحافين کي اهڙُ جواب ڏنو هو.

خورشيد شاهه پيپلز پارتي پارليامينٽيرينز جو اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو سربراهه آهي. خورشيد شاهه سنڌ جي تعليم کاتي جو صوبائي وزير ۽ وفاقي وزير پڻ رهي چڪو آهي. خورشيد شاهه ڪيترائي ڀيرا سکر مان پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊيو ويو آهي.

تجزيانگارن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه پ پ جو سينئر پارليامينٽيرين آهي، سيوهڻ سانحي بعد سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن ۾ انتهائي ڏک ۽ ڪاوڙ واري ڪيفيت آهي، اهڙي ماحول ۾ خورشيد شاهه جا اهڙا بيان انتهائي غيرذميواراڻا ۽ سنڌ جي حالتن کان پ پ جي جهڙوڪر ڀڄڻ/فراريت جو ڏس ڏين ٿا.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *