Friday , March 29 2024

سنڌ حڪومت جي ٽن اهم کاتن جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جي اهم کاتن مڪاني ادارن واري کاتي، ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن، آبپاشي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتن ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل وزيرن، سيڪريٽريز ۽ انهن کاتن جي مخصوص ٺيڪيدارن خلاف جاچ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته،  سردار اشرف ڊي بلوچ، ودود انجنيئرنگ، شير مغيري، نياز برادرز سميت 10 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ ٺيڪيدارن کي 2008 کان هيل تائين مليل ٺيڪن جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل جي جاچ جو دائرو وڌايو پيو وڃي. ان الاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) پاران سنڌ حڪومت کان مختلف ترقياتي منصوبن جا تفصيل گهريا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ناڻي کاتي پاران ورڪس اينڊ سروسز، مڪاني ادارن، ايڇ ڊي اي، ڊي اي، ايم ڊي اي، لاڙڪاڻو ڊيولپمنيٽ اٿارٽي، حيدرآباد ڊيولپيمنٽ اٿارٽي جي مختلف ترقياتي منصوبن جي 10 سالن دوران مڪمل بجٽ، ٺيڪدارن ۽ لاڳاپيل ڪمپنين جا سمورا تفصيل تيار ڪيا ويا آحن، جن مان ڪجهه رڪارڊ جي آءِ ٽي کي اماڻيو ويو آهي. ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته، جي آءِ ٽي لياري ايڪسپريس وَي ريسيٽلمينٽ پروجيڪٽ ۽ سيوهڻ ڊيولپمنيٽ اٿارٽي ۾ ٺيڪن جو رڪارڊ پڻ گهريو آهي. جي آءِ ٽي پاران لوڪل گورنمينٽ کاتي حوالي ڪيل لسٽ ۾ شير محمد مغيري، سردار محمد اشرف ڊي بلوچ، نياز برادرز، ودود انجنيئرنگ، مانڊوي والا بلڊرس اينڊ ڊولپمينٽس، شاهه رخ انجنيئرنگ ۽ حاجي ربنواز سميت ٻيا نالا شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *