Tuesday , April 23 2024

سنڌ جا ٻيلا تباهه ڪري ماحوليات ۽ روزگار تباهه ڪيو ويو آهي:زين دائودپوٽو/اطهرقاضي

سنڌ جا ٻيلا تباهه ڪري ماحوليات ۽ روزگار تباهه ڪيو ويو آهي:زين دائودپوٽو/اطهرقاضي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪچي توڙي پڪي تي موجود لکين ايڪڙ ٻيلا تباهه ڪري، چوپائي مال جي، کير، قدرتي ماکي سميت ماحول کي تباهه ڪيو ويو آهي، ٻيلن جي بحالي ۽ لاءِ ٻيلن جي زمينن تي ڪيل قبضا ختم ڪرڻ ۾ ئي آهي. اهو چوڻ آهي، سماجي تنظيم انڊس ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻن زين دائود پوٽو، ناليواري قانوني ماهر قاضي علي اطهر جو. انڊس ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي زين دائود پوٽو چيو آهي ته سنڌ جي ڪچي توڙي پڪي جي ٻيلن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ٻيلا جيڪي دنيا جي لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا پر انهن کي تيزي سان ختم ڪيو پيو وڃي، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ محمد آچر راڄڙ، غلام حيدر راڄڙ، قاضي علي اطهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انڊس ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر زين دائودپوٽو وڌيڪ چيو ته ٻيلا ختم ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ جا لکن جي تعداد ۾ وائلڊ لائف جنهن ۾ ڦاڙهو به ختم ٿي ويو. جنهن ۾ چوپائي مال جو چارو، روزانو 50 لک مڻ کير جي پيداوار تي جنهن جو سڌو سنئون اثر پيو آهي، ماکي جي هڪ لک ڪلو سالياني پيداوار گهٽجي وئي، جنهن سان 30 هزار ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، جڙي ٻوٽين جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هڪ لک ماڻهو بيروزگار ٿيا.هن چيو ته  سنڌ جنهن وٽ ڪڏهن 787897 ايڪڙ ڪچي ۽ پڪي جا ٻيلا هئا، جنهن ۾ ڪچو 605583، پڪو 182314 ايڪڙ هئو. ڪوسٽل 751063 ۽ رينج لينڊ 1319788 ايڪڙ هئا. هاڻ ان وٽ ڪچي ۽ پڪي جي ٻيلن جا 90 سيڪڙو حصا ختم ٿي چڪا آهن ۽ خالي زمينن تي بااثر سياسي ماڻهن، بااثر وڏيرن ۽ ڪجهه مقامي غريب ماڻهن جو قبضو آهي.

هي نيوز به پڙهي سگهو ٿا

لاڙڪاڻي ڊويزن ۾  ٻيلي کاتي جي 40 هزار ايڪڙ زمين تي بااثرن جو قبضو

جنهن ۾ سندن نيت ٻيلن وڌائڻ بجاءِ ڪا ٻي آهي. هن چيو ته 2010ع ۾ به فاريسٽ جون سڀ زمينون وڏيرن کي الاٽ ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي. هاڻ جڏهن حڪمران سڄا ٻيلا ختم ڪري چڪا آهن، تڏهن انهن جي نظر فاريسٽ جي زمينن تي آهي، هن ڀيري فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪجهه اعليٰ آفيسرن جي مدد سان ۽ هڪ نئين طريقي سان اهي زمينون پنهنجن من پسند ماڻهن جي حوالي ڪرڻ چاهين ٿا. هنن چيو ته سنڌ حڪومت فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي ٺيڪ ڪرڻ، ٻيلن جي بحالي لاءِ ڪو پلان ٺاهڻ ۽ انهن ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ ڪو مستقل مڪينزمٺاهڻ بجاءِ پنهنجن ناجائز مفادن جي لاءِ، ري آرگنائزيشن جي نالي تي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي ڪمزور ڪري ٽن حصن ڪچي ۽ پڪي جي ٻيلن ۽ رينج لينڊ ۽ سوشل فاريسٽري ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ٽنهي جا الڳ الڳ چيف ڪنزرويٽر مقرر ڪيا ويا آهن.

هي نيوز به پڙهي سگهو ٿا

ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻن کي الاٽ ٿيل، 13 هزار ايڪڙ ٻيلا تباهه

اسان جي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه علائقن ۾ ڪجهه فاريسٽ آفيسرن آپريشن شروع ڪيو آهي، جيڪا هڪ چڱي ڳالهه آهي پر بنا ڪنهن متبادل پروگرام جي کنيل اهڙن قدمن سان زمين ڪجهه عرصي لاءِ خالي ٿي ويندي پر ان خالي زمين جو مستقل خالي رهڻ پڻ هڪ سوال آهي. هنن وڌيڪ چيو ته آءِ ڊي او 2010 ۾ جڏهن سنڌ حڪومت ڪچي ۽ پڪي جي 8 لک ايڪڙ زمين وڏيرن منجهه ورهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ان وقت به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ۽ پوءِ ان وقت جي وڏي وزير کي اُها سمري واپس وٺڻي پئجي وئي هئي. ان جدوجهد ۾ مون تي قاتلاڻا حملا ٿيا ۽ اسان جي ساٿين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ اهي جيلن ۾ ويا، ٻيهر هن وقت جڏهن هڪ نئين طريقي سان ٻيلن جي زمين ۽ ڪميونٽي جا پئسا هڙپ ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي تڏهن آءِ ڊي او ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

هي نيوز به پڙهي سگهو ٿا

منظور وساڻ جو مائٽ مريد وساڻ وٽ ٻيلي کاتي جي7900 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جو مالڪ بڻيل

 

زين دائود پوٽو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ري آرگنائزيشن جي نالي تي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي تباهه ڪرڻ بجاءِ ڊپارٽمينٽ جي گورننس کي ٺيڪ ڪيو وڃي، ٻيلن جي بحالي جي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي ڪنسلٽيشن جي ذريعي پلان بنايو وڃي ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي هڪ مستقل فاريسٽ پروٽيڪشن مڪينزم جوڙيو وڃي.ڊيلٽا جي ماڻهن کي REDD + پروگرام جي آگاهي ڏني وڃي ۽ کينانهن سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي.  فاريسٽ لينڊز کي Secure ڪرڻ جي لاءِ GIS ميپنگ ۽ ڊمارڪيشن ڪئي وڃي، جنهن جو حڪم اڳ ۾ ئي معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڏئي چڪي آهي. هنن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي گذارش ٿا ڪريون ته فاريسٽ جو ڪيس هلائڻ جي لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن جيان الڳ گرين بئنچز ٺاهيون وڃن، ته جيئن فاريسٽ جا ڪيس جلدي اُڪلائجي سگهجن.  ٻيلا ڌرتي تي رهندڙ هر زندگي جي ضمانت آهن. وڻن جو قاتل ڌرتي ۽ زندگي جو قاتل آهي. تنهنڪري ڊي فاريسٽيشن ۽ فاريسٽ لينڊ جي قبضي ۾ ملوث هر شخص کي ڪنهن به اليڪشن، عوامي/سرڪاري عهدي جي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *