Friday , March 29 2024

سنڌ بجيٽ: مالي سال 2019 ۽ 2020 جي سوا 12 ارب رپين جي بجيٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار نئين مالي سال 20-2019 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال دوران سنڌ کي 12 کرب 17 ارب 89 ڪروڙ 97 لک رُپين جو وفاق توڙي پنهنجن وسيلن مان مجموعي آمدني ٿيڻ جا امڪان آهن. هُن چيو ته نئين مالي سال دوران ٽئڪس اوڳاڙي جو حدف 145 ارب رُپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته اسان 2 کرب 84 ارب جا ترقياتي ڪم ڪرائينداسين. صوبائي سطح تي تي سالياني ترقياتي پروگرامز يعني اي ڊي پي تحت نئين مالي سال لاءِ 2 کرب 8 ارب رُپيا رکيا ويا، جڏهن ته ضلعي سطح تي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20 ارب، پرڏيهي فنڊز مان هلندڙ منصوبن لاءِ 51 ارب ۽ وفاقي گرانٽس تحت هلندڙ منصوبن تي 51 ارب رُپيا خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري اُنهن لاءِ پئسا ناهن رکيا ويا. بجيٽ تقرير ڪندي مراد علي شاهه چيو ته، وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ روينيو بورڊ تسلسل سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. 11-2010ع دوران وفاقي حڪومت پاران ٽيڪس وصوليون رڳو 16.6 بلين رپيا هيون پر سنڌ حڪومت آهستي آهستي پنهنجون ٽيڪس وصوليون وڌائيندي آئي آهي ۽ سال 20-2019 دوران اسان 100 بلين رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو جڏهن ته ايندڙ سال 20-2019 لاءِ اسان ٽيڪس وصولين جو هدف 145 بلين رپيا مقرر ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 20-2019 جي 12، کرب، 17 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، ترقياتي خرچن لاءِ 284 ارب رپيا مختص، غربت گهٽائڻ ج نئين بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. آمدني ۽ خرچن جو ڪاٿو 12 کرب، 17 ارب، 89، ڪروڙ 79 لک رپيا لڳايو ويو آھي. نئين سال جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 208 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آھن، جڏھن ته مجموعي طور تي ترقياتي خرچن تي 284 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا جن ۾ ضلعي ترقياتي منصوبن تي 20 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 178.618 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. جڏهن ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 15.15 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019  لاءِ رکيا ويا آهن.  وڏي وزير چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع لاءِ 4 ارب رپيا پڻ رکيا ويا آهن. صحت کاتي لاءِ 114.4 ارب رپيا مالي سال 20-2019 لاءِ رکيا ويا آهن. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ امن امان جي شعبي جي غيرترقياتي بجيٽ 109.788 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. مالي سال 20-2019 جي ترقياتي بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ڏيڻ ۽ غربت کي گهٽائڻ واري پروگرام جي لاءِ 12.3 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جيڪا بجيٽ ۾ پاس ڪرائي ويندي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ پاران 20-2019 جي مالياتي سال لاءِ 22.95 ارب رپين جي لاڳت جا 13 نوان منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ  مالي سال 20-2019ع ۾ 6.25 ارب رپيا رکيا آهن.  مالي سال 20-2019 ۾ توانائي جي شعبي لاءِ غيرترقياتي منصوبن لاءِ 23.883 ارب رپين کان وڌائي 24.920 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

زراعت کاتي جي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 8.4 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي، سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ صوبي کي سر سبز ۽ ماحول دوست بڻائڻ لاءِ “سرسبز سنڌ” رٿا ذريعي ايندڙ پنجن سالن اندر 10ڪروڙ وڻ پوکيا ويندا، ٻيلو کاتونئين مالي سال دوران 200000 وڻ پوکڻ جو ٽارگيٽ حاصل ڪندو. سالياني ترقياتي پروگرام ۾ آبپاشي شعبي جي 210 هلندڙ ۽ 63 نئين اسڪيمن لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ ۾ اي ون گريڊ ماڻيندڙ سمورن شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي.  پوليس کاتي جي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن لاءِ معاوضي جو پيڪيج ٻيڻو ڪندي 5 ملين رپين مان وڌائي 10 ملين رپيا ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ مالي سال 20-2019 جي بجيٽ ۾ 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. سنڌ سرڪار تعليم جي شعبي لاءِ بجيٽ وڌائي 178 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،جن ۾ نون اسڪولن، ڪاليجن ٺاهڻ سان گڏ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جا پروگرام به شامل ڪيا ويا آهن، اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 20-2019 ۾ غيرترقياتي بجيٽ 170.832 ارب رپين مان وڌائيندي 20-2019ع لاءِ 178.618 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ لاءِ 15.15 ارب رپيا سالياني ترقياتي پروگرام 20-2019ع لاءِ رکيا ويا آهن.

بجيٽ ۾ نئين مالي سال لاءِ صحت واري کاتي ۾ طبي تعليم کان سواءِ هلندڙ خرچن ۾ 96.8 ارب رپين مان 19 سيڪڙو وڌائيندي 114.4 ارب رپيا رکيا ويا آهن ان بابت وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 19-2018ع لاءِ 13.5 ارب رپيا 170 اسڪيمن لاءِ رکيا ويا ۽ هلندڙ مهيني جي 3 جون تائين 8.01 ارب رپين جي جاري رقم مان 4.61 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا ۽ جون جي آخر تائين 12 اسڪيمون مڪمل ٿينديون. اسڪيمن ۾ لياقت يونيورسٽي اسپتال ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر ۾ 50 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل ۽ سرجيڪل آءِ سي يو قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ويڪسينيٽرز جي تعداد کي 2768 تائين وڌايو ويو آهي جنهن تحت وڌيڪ 1733 ويڪسينيٽرز جي مقرري جو مرحلو نئين مالي سال ۾ شروع ڪيو ويندو.

ٽي بي ڪنٽرول پروگرام تحت 350 بي ڊاٽس ڪلينڪس ۾ فوري طور تي ٽي بي جي تشخيص ۽ ٻن ڪلاڪن اندر دوائن جي اثر ڪرڻ واريون 110 مشينون پڻ نصب ڪيون وينديون. سالياني ترقياتي پروگرام اي ڊي پي 20-2019ع لاءِ هن شعبي ۾ 13.50 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا جنهن تحت سي ايم سي لاڙڪاڻي ۾ مختلف شعبن ۾ مشينري ۽ اوزارن جي خريداري لاءِ 600 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڪميونٽي مينٽل هيلٿ سروس پروگرام جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 275.00 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڄامشورو ۾ جائيڪا جي تعاون سان ماءُ ۽ ٻارن جي صحت جي مرڪزن جو قيام ۽ سکر ۾ پي پي پي موڊ ذريعي ترقياتي فنڊن ذريعي 200 بسترن تي ٻڌل اسپتال جو قيام شامل آهي. بجيٽ دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته 20-2019ع ۾ صحت سان لاڳاپيل 43 اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان صحت واري کاتي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي انهن قدمن کي اميونائيزيشن، ايڊز، هيپاٽائيٽس، مليريا، ٽي بي ڪنٽرول، نابينه پن تي ڪنٽرول جي حفاظتي پروگرامن کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ 4.08 ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ حڪومت نئين مالي سال ۾ گڙدن جي مرض کان ڇوٽڪاري واري اداري ايس آءِ يو ٽي کي 5.6 ارب رپيا گرانٽ طور فراهم ڪيا آهن ته جيئن اها ڪراچي ۾ پنهنجي خدمتن ۽ ٻين شهرن ۾ نوان قدم برقرار رکي سگهي. سنڌ حڪومت جگر جي پيوند ڪاري لاءِ پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز گمبٽ کي 60 سيڪڙو گرانٽ وڌائيندي نئين مالي سال ۾ 3.6 ارب رپيا مختص ڪيا آهن.

امن امان جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال جو عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان سڌو سنئون تعلق آهي ان کي ترجيح ڏيندي امن امان جي شعبي جي غير ترقياتي بجيٽ ايندڙ مالي سال 20-2019ع ۾ 100.483 ارب رپين مان وڌائي 109.788 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اين ٽي ايس ذريعي 3690 پوليس اهلڪارن جي ڀرتي 4507 اهلڪارن جي ڀرتي جو عمل جاري آهي. مالي سال 20-2019ع ۾ مختلف رٿائن جو هڪ وڏو انگ تجويز ڪيو ويو آهي جنهن جو وچور هيٺئين ريت آهي. سي ٽي ڊي جي ٻيهر بحالي ۽ ڪائونٽر ٽررزم جي طرز تي پيشيور ۽ پيشي سان سچائي رکندڙ فورسز جي پيداوار اي ڊي پي اسڪيم تحت واڌو 259 رپورٽنگ رومز قائم ڪندي، پوليس فورس ۾ حقيقي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مختلف گريڊز جون 3000 هزار آساميون پيدا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت نئين مالي سال 20-2019ع جي ترقياتي بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ڏيڻ ۽ غربت کي گهٽائڻ واري پروگرام جي لاءِ 12.3 ارب رپيا مختص ڪيا آهن جنهن تحت مختلف ٽن اهم پروگرامن تي ڪم ڪيو ويندو جنهن ۾ پيپلز پاورٽي رڊڪشن پروگرام (پي پي آر پي) پاورٽي رڊڪشن اسٽريٽجي (پي آر ايس) ۽ سوشل پروٽيڪشن شامل آهن. انهن ٽنهي پروگرامن بابت چيو ويو آهي ته ايڪسيلريٽيڊ ايڪشن پلان (اي اي پي) ايمبريلا پروگرام هيٺ کاڌ خوراڪ جي معيار جي بهتري، غذائي کوٽ، ٻار جي واڌ ويجهه جي گهٽتائي واري عمل تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهي ٽئي پروگرام سنگ ميل ثابت ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *