Friday , March 29 2024

سنڌ اڪائونٽبلٽي ايجنسي قائم ڪرڻ لاءِ احتساب بل ٻيهر سومر تي اسيمبلي پيش ڪيو ويندو: سنڌ ڪابينا – مخالف ڌر پاران مخالفت جو فيصلو برقرار

murad shah in SAsindh assembly building

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ مان احتساب بل ختم ڪرڻ لاءِ منظور ڪيل بل تي گورنر محمد زبير پاران اعتراض واريندي واپس ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ، سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ساڳيو بلي ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو. ان سان گڏ سنڌ ڪابينا سنڌ فرانزڪ سائنس ايجنسي ايڪٽ 2017ع، سرڪاري ملازمن کي صفائيءَ جو موقعو ڏيڻ بنا نوڪري مان ڪڍڻ وارو قانون ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ معذرون جي ڪوٽا 2 سڪيڙو مان وڌائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، سردار، ضياءُالحسن لنجار، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، ڄام مهتاب ڏهر، ڄام خان شورو ۽ ٻيا شرڪت. ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ اڪائونٽبلٽي ايجنسي، رپيليڊ آف ريموول فرام سروس آرڊيننس، سرڪاري نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا ۾ واڌ وارو قانون ۽ ڪيپيٽو پاور پلانٽ سبسڊي بلن جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل سنڌ اڪائونٽبلٽي بل 2017ع تي گورنر سنڌ جي اعتراضن تي غور ڪيو. سنڌ ڪابينا گورنر سنڌ جي اعتراضن تي غور ڪندي بل جي مسودي جي منظوري ڏني. سنڌ احتساب ايڪٽ 2017ع سڀني آفيس هولڊر جيڪي صوبي ۾ سرڪاري فنڊز هيٺ ايمپلائيمنٽس ۽ معاملن کي انجام ڏين پيا، انهن تي لاڳو ٿيندو. سنڌ احتساب ايجنسي جو چيئرپرسن ان جي سربراهي ڪندو، اهو هڪ احتسابي ڪميشن هوندو، جيڪو ايجنسي جي چيئرپرسن، ايڊووڪيٽ جنرل، ايجنسي جي پراسيڪيوٽر جنرل، ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل تي ٻڌل هوندو، ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن ڪرپشن جي ڪيسن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندو، چيئرپرسن جي عهدي لاءِ هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج يا هاءِ ڪورٽ لاءِ مقرر ڪيل اهليت وارن قائدن ۽ ضابطن واري اهليت رکندڙ وڪيل، يا وري گريڊ 21 يا ان کان مٿي جو سٺي ساک رکندڙ حاضر سروس يا رٽائرڊ سرڪاري ڪامورو اهل هوندو.

sindh assembly 01

بل جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ اڪائونٽبلٽي ايجنسي جي چيئرپرسن جي چونڊ سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪاميٽي ڪندي، جيڪا 6 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جنهن مان ٽي ميمبر ٽريزري ۽ اپوزيشن جنهن جو نالو ليڊر آف دي هائوس ۽ ليڊر آف دي اپوزيشن جا هوندا، ڪاميٽي جي اڳواڻي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ڪندو. سنڌ انڪوائيريز ۽ انٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ ڀرتي ڪيل ملازم ۽ سمورا اثاثا  موجود اسٽرڪچر، مشينري ۽ گاڏيون ايجنسي کي منتقل ڪيون وينديون.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس اجلاس ۾ سنڌ فرانزڪ سائنس ليبارٽري ڪراچي ۾ قائم ڪرڻ واري ايجنڊا تي پڻ غور ڪيو ويو. جنهن ۾ مٽيريل، ڪاغذ وغيره عدالتن، ٽربيونل يا ٻيون ليگل اٿارٽيز وٽ پيش ڪرڻ کان پهرين فرانزڪ ايگزيمنيشن لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ آهي، ليب ۾ مختلف سهولتن آڊيوز-وزيول انالائيزز، ڪمپيوٽر فرانزڪ، ڪرائيم سين ۽ ڊيٿ سين انويسٽي گيشن، ڊي اين اي ۽ سيرولوجي، فرانزڪ فوٽو گرافي، نارڪوٽڪس، ٽوڪسيولاجي، ٽريس ڪميسٽري، پولي گراف، فائر آرم ۽ ٽول مارڪس، ليٽننٽ فنگر پرنٽس، پيٿالوجي ۽ سواليه ڪاغذات وغيره شامل آهن، اها ڳالهه واضح هجي ته ليبارٽري پروجيڪٽ جي پي سي ون اڳواٽ ئي منظور ٿي چڪي آهي، جنهن جي خرچ جو ڪاٿو 2.7 ارب رپيا آهي، هي منصوبو ٽيهه مهينن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيندو.

سنڌ ڪابينا سنڌ فرانزڪ سائنس ايجنسي ايڪٽ 2017ع جي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا معذورن جي ملازمتن ۾ ڪوٽا ٻه سيڪڙو کان وڌائي پنج سيڪڙو ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو. سنڌ سول سرونٽس ايڪٽ 1973 هيٺ معذور ڪوٽه ٻه سيڪڙو آهي جنهن کي ڪابينا وڌائيندي پنج سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڪابينا اها ترميم سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا نوڪري مان ڪڍڻ (خصوصي اختيار) سنڌ آرڊيننس 2000 تي پڻ غور ڪيو ۽ ڪابينا ان کي رَد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ٻئي اسم جنهن تي سنڌ ڪابينا غور ڪيو اهو سنڌ ڪيپيٽو پاور سبسڊي بل 2017 هو جنهن کي سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو هو جيڪو ٻيهر غور لاءِ سنڌ اسيمبلي اماڻيو ويو آهي، ڪابينا گورنر سنڌ پاران اٿاريل اعتراضن تي غور ڪيو ۽ چيو ته سبسڊي ڪن مقصدن لاءِ ڏني ويندي آهي، جنهن تحت مقامي سطح (جتي پاور پلانٽ لڳل آهن) ۾ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، تنهن ڪري اهو بل ڪنهن قانون سان ٽڪراءُ نه آهي، اهو فقط ۽ فقط عام ماڻهن جي فائدي لاءِ آهي.

Lanjar 01

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته گورنر سنڌ جون تجويزون قبولڻ جوڳيون نه هيون، هن چيو ته گورنر جو پيغام بل سميت اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، 18هين ترميم جا ثمر صوبن تائين نه پهچي رهيا آهن، پوليس ايڪٽ ۾ ترميمي بل تي اڃا وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي، گورنر سنڌ جا اعتراض آئين ۽ قانون مطابق نه هئا، هن چيو ته بل تي اپوزيشن سان مشاورت ڪئي آهي، هن چيو ته ڪيپيٽو پاور سبسڊي سان عوام کي فائدو پهچندو ۽ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي، ارڙهين ترميم بعد صوبي کي ترميم جا اختيار آهن. هن چيو ته نيب ۾ ڪنهن خلاف درخواست ڏيڻ سان ڪو به ڏوهاري ناهي ٿي ويندو، اسان چاهيون ٿا ته هڪ درخواست تي ڪو به عزت دار شهري متاثر نه ٿئي. صوبائي وزير چيو ته ارڙهين ترميم بعد اهڙي طرح جي قانون سازي اسان جو حق آهي. سنڌ جو عوام خودمختيار ٿيڻ چاهي ٿو، پوليس ايڪٽ جي بل تي سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ بحث ڪيو ويندو، هن چيو ته پوليس ايڪٽ تي اڃا وڌيڪ صلاح مشورا ڪيا ويندا ۽ احتساب بل تي اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ صلاح مشورا پڻ ڪيا ويا. ان موقعي تي ساڻس ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو ۽ قانون وارو سيڪريٽري پڻ موجود هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *