Thursday , April 18 2024

سنڌ اسيمبلي ٽوڙيو، ٻين اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيو، هاڻي ڪا به سوديبازي ٿيڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

پهريان حڪومت منهنجو آواز عوام تائين پهچڻ نه ڏنو اڄ اي پي سي به منهنجو آواز روڪيو: فضل الرحمان

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت تي دٻاءَ وڌائڻ لاءِ پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي، سموريون پارٽيون، ڪي پي، بلوچستان ۽ پنجاب اسيمبلي توڙي قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏنيون وڃن. اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي ميزباني هيٺ ٿيل اي پي سي ۾ مولانا فضل الرحمان جي لائيو تقرير روڪي وئي ته مولانا عبدالغفور حيدري اچي کيس اٻڌايو ته اوهان جي لائيو تقرير آف لائن ڪئي وئي آهي. جنهن تگي مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي آڌو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته، پهريا حڪومت منهنجو آواز عوام تائين پهچائڻ ۾ رڪاوٽون وجهي بند ڪري ڇڏيو هو، اڄ ته هن اي پي سي ۾ به منهنجو آواز عوام تائين پهچائڻ کان روڪيو ويو آهي، جنهن تي بلاول ڀذٽو زرداري وضاحت ڪندي چيو ته، هي اي پي سي ان-ڪيئرا هئي انڪري توهان جي تقرير لائيو ناهي. جونهن فضل الرحمان سڄيو ڏينهن لائيو سيشن هليو آهي، ان ڪيئمرا ته نه هو. ان دوران فضل الرحمان جي شيري رحمان، مريم اورنگزيب سان به جملن جي ڏي وٺ ٿي، آخرڪار محمود خان اچڪزئي وچ ۾ پئجي معاملي کي ٽاريو.

اي پي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ حڪمران جعلي آهن ته پوءِ پارليامينٽ ۾ رهڻ جو ڪو جواز ناهي. پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قانونسازي، اجلاسن ۽ حڪومت پاران ڪيل پرڏيهي معاهدن کان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻو پوندو. هر قسم جِي سرڪاري تقريبن مان بائيڪاٽ جو اعلان ڪرڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي ماضي جَي فيصلن تي ڏوراپا ڏيندي چيو آهي ته هاڻي ڀرپور فيصلا نه ڪيا ته اڃا گهڻو وڃائجي ويندو، جعلي پارليامينٽ ۾ رهِي مستقبل ۾ شفاف چونڊن لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نٿو ڪري سگهجي، اي پي سي ۾ طئه ٿيل مامرن تي لکت ۾ معاهدو ڪرڻو پوندو ته جيئن اڳتي هلي ڪو ڦرِي وڃي ته قومي ڏوهاري قرار ڏئي سگهجي.

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *