Thursday , March 28 2024

سنڌي صحافت ۾ جدت ٿي گهرجي – صداقت ميمڻ

سنڌي صحافت – مُنو پوسٽ مارٽم  ۽ جدت ٿي گهرجي – صداقت ميمڻ

روزاني اخبار، هفتيوار، پندرهن روزه، ادبي رسالا، ڊائجيسٽ ريڊيو ۽ ٽي وي بعد هاڻي صحافت ۾ جدت اچي وئي آهي، پڙهندڙ ڇا ٿا چاهين؟ هاڻي انهن جي مرضي کي پرکڻ جي ضرورت پئجي وئي آهي.! پهريان جيڪو ٻڌايو وڃي، ٻڌندڙ ٻڌڻ تي مجبور هو، پڙهندڙ پڙهڻ تي مجبور هو، پر هاڻي موجوده دؤر برقي صحافت جو دور آهي، بيشمار ٽي وي چينل، انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، موبائيل ايپ وغيره صحافتي زندگيءَ کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هاڻي پڙهندڙ، ڏسندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون آهن، پر سنڌي صحافتي نظام ۾ تبديلي گهٽ نظر اچي رهي آهي، پروفيشنل صحافي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪورٽ رپورٽنگ، ڪرائيم، پوليٽيڪل، راندين، شوبز سميت شعبن جي رپورٽنگ ۽ انهن جي مسئلن حالتن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر صحافت جي دنيا ۾ خال موجود آهي، جيڪڏهن ٿورڙي نظر ڦيرائجي ٿي ته ان پاسي کان صفا ڏيوالو نڪتل آهي.

ڪراچي حيدرآباد، سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ به مسئلا آهن، جتي ماحولياتي تبديلي جهڙي سنگين مسئلي تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ به ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل رپورٽر ناهن، جنهن سبب سنڌي سماج ۾ صحافت ذريعي ان معيار مطابق ڄاڻ نه ملي رهي آهي ته ماحولياتي تبديلي ڇا ٿيندي آهي، سبب، اثر سميت ٻيا ڪهڙا مسئلا آهن. بلڪل ساڳئي نموني سنڌ جيڪا زرعي معاشري تي مشتمل آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هر ضلعي ۾ ته ٺهيو پر سڄي سنڌ ۾ زراعت جي شعبي جا ماهر نه به صحي پر ان کان چڱي نموني ڄاڻ رکندڙ صحافي به ڪجهه آڱرن تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.

صرف واقعن حادثن، پريس ڪانفرنس، ميڊيا ٽاڪ، ٻڌ ڇوڙ کي رپورٽ ڪرڻ سان هاڻي ڪم ڪونه هلندو، ڇاڪاڻ جو انهن شين کان ته هاڻي مفت ۾ ماڻهو انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي آگاهه ٿي رهيا آهن، هاڻي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، ٻيو ته اسان جي ٻهراڙي وارن شهرن جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرس کان وٺي ننڍي اسٽيشن رپورٽر تائين ڪابه تربيت ناهي، جنهن سبب صحافت ۾ وڏو بگاڙ پيدا ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڏسجي ڪا خبر آرڪالاجي جي حوالي سان اچي وڃي ته رپورٽر ڪيئين رپورٽ ڪندو، ڊيسڪ وارو اڳتي ڪيئن ڪندو بحرحال ڪم ته هلندو اچي ٿو.

منهنجو اڃا به فوڪس سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ مقرر ٿيندڙ رپورٽر جي باري ۾ آهن، پنهنجي مختصر صحافتي سفر دوران نوٽ ڪيو آهي ته صحافي پنهنجي پاڻ کي اٿارٽي سمجهي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صحافي اٿارٽي ناهي، پر صحافي ۽ رپورٽر اهڙيون شيون منظر عام ٿي آڻيندو آهي، جنهن کان عوام بي خبر هوندو آهي، جڏهن ته صحافي اٿارٽي سمجهي زور زبردستي اهي شيون انگ اکر گڏ ڪرڻ جو اختيار نه ٿو رکي، اهو ان جي اهليت تي آهي ته بنا گوڙ نقصان ۽ ڪنهن کي پريشان ڪرڻ جي انگ اکر حقيقتون گڏ ڪري رپورٽ ڪري ته ملوث ڌرين ۽ عملدارن ۾ ٽاڪوڙا پئجي وڃن. جيئن انهن ۾ ملوث ڪردارن کي به مونجهاري جو شڪار رهڻو پئي ته اهي شيون رپورٽ ڪيئن ۽ ڪٿا ٿيون، پر جيڪڏهن ضلعي کان ويندي تعلقي ۽ ننڍن شهرن ۾ ٿيندڙ رپورٽنگ جي ڳالهه ڪجي ته ملڪيت، رشتن جي ڏيتي ليتي ۽ گهريلو تڪرار، مختلف جهيڙن سميت مختلف قسمن جي احتجاج لاءِ ايندڙ ماڻهن کان صحافي پئسا وٺي ڪيس تيار ڪري ڏيندا آهن، احتجاج ڪندڙ مظاهري بعد تڪڙو رليف چاهيندا آهن، ۽ صحافي کين سمجهائيندا آهن ته اوهان ڪو وڏو الزام هڻو ته اوهان کي جلدي انصاف ملندو، ڇاڪاڻ جو وڏي الزام جو پوليس عملدار ۽ لاڳاپيل اختياريون نوٽيس وٺندا.

اهڙين سوين خبرن جا مثال ۽ ثبوت موجود آهن، وڏي ڳالهه اها آهي ته صحافي زراعت ۾ مختلف فصلن ۾ لڳندڙ بيمارين کان به اڻڄاڻ آهن، بيماري ووئنڻن کي هڪڙي لڳندي آهي ۽ صحافي حقيقتون ٻيون رپورٽ ڪندو آهي. اهڙي طرح ميڊيڪل رپورٽ ۾ هڪڙي شيءَ هوندي آهي، پر رپورٽ ٻي ٿيندي آهي. منهنجي مشاهدي ۾ هڪڙي خبر آئي هئي، جنهن ۾، هڪ الزام لڳو ته مڙس ڌيءَ پيدا ڪرڻ تان زال کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، حالانڪه اهو الزام سئو سيڪڙو ڪوڙ تي مبني هو، (جنهن جي نتيجي ۾ دنيا سموري ۾ سنڌ بدنام ٿي) جڏهن ته اهو الزام صحافين متاثر ڌر کي سمجهايو هو. حقيقت اها هئي ته ناري جا وارث ناري کي ٻي هنڌ شادي ڪرائي رهيا هئا، تنهن ڪري مڙس ناري کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ وٺڻ آيو هو، پر گهر نه هلڻ تان هن سهري جي گهر ۾ جهيڙو ڪري وڌو، جتان ناري ۽ ناري جي امڙ کي ڪهاڙيون لڳيون هيون، جنهن بعد مڙس جي روپوش ٿيڻ بعد ڪجهه مهينن اندر ڪجهه پئسن عيوض ڪنهن ٻي شخص سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي ناري جي شادي ڪرائي هئي.  اهڙي ئي هڪ ٻي خبر آئي ته ڦلاڻي ناري کي ڪجهه ماڻهو اغوا ڪري ويا، ڪجهه ڪلاڪن اندر لکين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح ڪجهه ٻين نارين بابت خبرون به هلنديون رهيون آهن ته ناري اغوا ٿي وئي، پر بعد ۾ اها خبر پئي ته ناري پيار پرڻي خاطر گهران نڪري وئي آهي، ڪورٽ جي معرفت هن ڦلاڻي همراهه سان شادي ڪري ڇڏي.

هڪ دفعو ته هڪ صحافي خبر هلائي ته بااثر وڏيرن پاران جرڳو ناري ۽ نوجوان کي ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ جي فتوي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ساڳي خبر وري صحافي سال بعد هلائي ساڳي الزام هيٺ جرڳو ڪوٺائي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو حقيقي ڪيس ڪنهن بااثرن جي خلاف اچي به ويندو آهي ته صحافين جي ڳالهه نه پڇو مسئلو حل ڪرائي ڇڏيندا آهن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اهڙي حالت آهي، هڪ دفعي هڪ سنڌي دوست ٻڌايو ته اتر سنڌ جي هڪڙي ضلعي مان خبر آئي ته ڦلاڻو همراهه اغوا ٿي ويو آهي، جنهن بابت ٻه ٽي ڏينهن خبرون هليو، بعد ۾ ان جي اغوا ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پر ڪجهه سالن بعد ان علائقي سان سلهاڙيل وڪيل مليو، جنهن ٻڌايو ته جنهن جي اغوا بابت خبرون پئي هليو، ان ته انهن ڏينهن خون ڪيو هو، پر هو اغوا ڄاڻايل هجڻ ڪري نه ڪيس داخل ٿيو، نه انصاف ٿيو، اهڙا الائي ڪيترا واقعا هوندا، ڪجهه ڄاڻي واڻي رپورٽ ٿيندا هوندا، ڪجهه اڻڄاڻائي. صحافين ڪجهه رپين جي ڪري ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، ڪجهه صحافين ته عورت ۽ هڪ مرد جا پنهنجي هٿن سان وار ڪتري اشو ٺاهيو، اڳتي هلي انڪوائري ۾ خبر پئي ته همراهن پاڻ وار ڪتري مخالف ڌر تي ڪوڙو الزام لڳايو هو، منهنجي گذارش آهي، اخباري ايڊيٽرز ۽ ٽيليوزن نيوز ڊائريڪٽرز کي ته تڪڙ ۾ خبر کي شايع ڪرڻ يا سڀ کان پهريان خبر ڏيڻ جي چڪر ۾ سنڌ کي بدنام نه ڪيو وڃي، ڪٿي ڪٿي واقعي اهڙا حقيقي واقعا ٿيندا هوندا، انهن علائقن ۾ صورتحال کي به سامهون رکيو وڃي، خبر جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي، جتي جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو آهي ته ان کي برابر بهتر ڪوريج ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور جي صورتحال مٽياري، نواب شاهه، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان کان الڳ آهي، خيرپور جي ڪچي ۽ شهرن جي صورتحال هڪ ٻي کان مختلف آهي، ٺري ميرواهه، فيض گنج کان ناري جا ماڻهو خيرپور جي ٻين تعلقن کان مختلف آهن. وري انهن کان گمبٽ، سوڀوديرو، پير جو ڳوٺ جا ماڻهو مختلف آهن، انهن جا رويا، طور طريقا الڳ آهن، ماڻهن جي فطرت ۾ ئي فرق آهي، ان ڪري نوشهرو فيروز ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن جا مزاج به پنهنجا آهن، جن کي سمجهڻ ضروري آهي، حقيقتون سامهون ۽ خبر ۾ شڪ پيدا ڪري تصديق ڪرڻ جو عمل لازمي آهي، جيڪڏهن خبر ۾ ڪاٿي جهول آهي ته رپورٽر بدران ادارو لاڳاپيل ڌرين، عملدارن سان فون تي رابطو ڪري يا ڪو ٻيو ذريعو استعمال ڪري حقيقتون ڄاڻي ته خبر جي ڪجهه ته تصديق ضرور ٿي پوندي.

هڪ دفعو هڪ پوليس عملدار پنهنجي محبوبا جي گهر پڪڙجي پيو، ان همراهه کي علائقي واسين ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏنو، ٻي ڏينهن تي صحافي خبر لکي ته پوليس واري کي نازڪ عضوي تي ڏنڀ ڏنا ويا، اهو پوليس وارو ته ان صحافي کي نازڪ عضو ڏيکارڻ لاءِ تيار ٿي ويو ته اهڙي صورتحال ڪانه هئي ته اهڙي ڳالهه ڇو لکي وئي آهي. هڪ دفعو ٻن ڌرين ۾ پاڻي جو مسئلو هلي رهيو هو ته گهر ۾ 85 ورهين جي عورت لاڏاڻو ڪري وئي، صحافين جي مدد سان انهن ڳوٺاڻن گهر ٻاهران لنڪ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ڪوريج ڪرائي ته پوليس ۽ بااثرن پاران حملو ڪري وڌو، جنهن سبب پوڙهي قتل ٿي وئي، ڪجهه اخبارن ۾ اها خبر لڳي، پر جن نمائندن خبر نه هلائي ۽ تصديق نه ٿي ته انهن ڊرامو ڪندڙ نمائندن ٻي ڏينهن تي ٻين خلاف شڪايت ڪئي ته هي خبر فلاڻي اخبار ۾ ناهي، جن جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، صحافت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ادارا ئي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اهڙي غلط رپورٽنگ سان سنڌ بدنام ٿي رهي آهي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحافين کي تربيت ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪلهه ته گهٽي گهٽي رپورٽر مقرر ٿي ويا آهن، جتان جي شهرين ۽ صحافين ۾ هر روز جهيڙا جنم وٺي رهيا آهن. اهڙي صورتحال هيٺ اعتبار ڪندو هاڻي صحافين جي عزت ناهي رهي، صحافي خبر کي نشر ۽ شايع ڪرائڻ کان پهريان ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث عملدار اداري يا ڪنهن ملوث ڌر جي خبر ملڻ کانپوءِ ان سان اها ڳالهه ڪن ٿا ته اوهان هيتري ڪرپشن ڪئي آهي، يا هي ڏوهه ٿيو آهي، اسان جو حصو هيترو آهي، ڏيندا ته خبر ڪانه هلندي نه ته خير ناهي، اهڙي طرح مختلف عام دڪاندار، سيف جي اسڪولن، عطائي ڊاڪٽرن، ڪاروباري ماڻهن، ميڊيڪل اسٽورن وارن جو صحافين جيئڻ جنجال ڪندي پنهنجا ڀتا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پوليس جي گهرن تي چڙهائي، بااثر ڌر جو گهر تي حملو، عورتن تي تشدد سميت ٻيون ڪجهه اهڙيون خبرون هلرائي مخالف ڌر وڪيل جي ذريعي اخباري ڪٽنگ کڻي ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائينديون آهن، جيئن مخالف ڌر کي تنگ ڪجي.

هاڻي ته صحافي خفيه ڪئمرا ذريعي هر ماڻهو جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو يا عملدار ڪو سچ ٻڌائڻ کان اڳ صحافين آڏو پنهنجي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، ڪي ماڻهو پنهنجا ڪڌا ڪاروبار صحافت جي آڙ ۾ هلائي رهيا آهن، سرڪاري نوڪاري ڪرڻ بدران صحافت ذريعي پنهنجي پاڻ کي بچائي رهيا آهن، پلاٽن تي قبضا ڪري رهيا آهن، ايراني تيل هلائي رهيا آهن، جعلي پيٽرول پمپ هلائي رهيا آهن، منشيات صحافت جي آڙ ۾ هلائي رهيا آهن، ٿاڻن کان مرضي پنهنجي مقصد جون ڪارروايون ڪرائي رهيا آهن، 2 نمبر گاڏيون هلائي رهيا آهن، بلڪي هر ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن يا وري اڄڪلهه ڪو به واقعو احتجاج ٿيندو آهي ته صحافي پنهنجي اداري کي رپورٽ ڪرڻ بدران مخلتف فورمن کي ڄاڻ ڏئي پنهنجا نمبر ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، اهڙي صحافتي نظام ۾ هڪ تبديلي جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ماڻهن جو صحافين تي اعتبار نه رهيو آهي، هاڻي ڪجهه صحافين جي ڪري عوام ٻين صحافين کي به شڪي نگاهه سان ڏسي رهيو آهي، صحافي ته اڄ ڪلهه ڀوتارن، ايس ايس پي ۽ ٻين پوليس عملدارن، روينيو، آبپاشي ۽ ٻين کاتن جي پي آر او بڻجي موقف هلائڻ ۾ مصروف آهن، صحافت کي ڪارروبار کان بچائڻ لاءِ ڪوشش جي ضرورت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *