Friday , April 19 2024

سنڌسماءَ چار جي هڪ ٻي خبر سچي ثابت- نوابشاهه ۾ پ پ جو جلسو، بلاول احتجاجي تحريڪ جو اعلان نه ڪيو

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پ پ پاران تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف تحريڪ بابت سنڌسماءَچار جي لڳ ڀڳ سوا مهينو اڳ جي خبر نوابشاهه واري جلسي بعد جيئن جو تيئن سچ ثابت ٿي آهي ۽ پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت مخالف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، بلاول پاران صرف عوامي رابطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف هنڌن تي جلسا ڪرڻ ئي ٿي سگهي ٿو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف زرداري جي اباڻي شهر نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 66 هين سالگرهه جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو آهي ته پ پ اڄ کان عوامي رابطا مهم شروع ڪندي. جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته اڄ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ماڻهن تائين حڪومت جي عوام دشمن بجيٽ ۽ انتقامي ڪاررواين بابت آگاهي ڏني ويندي. رمضان المبارڪ جي مهيني دوران بلاول پاران جڏهن مريم نواز ۽ نون ليگ سميت ٻين هم خيال جماعتن جي اڳواڻن جي مان ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو هو ته سوا مهينو اڳ ئي ان ملاقات کان اڳ ۾ www.sindhsamaachar.com پاران اها خبر شايع ڪئي ته، بلاول جي سياسي افطار ڊنر اپوزيشن جي تحريڪ بابت ڪو به بريڪ ٿرو ثابت نه ٿيندي، ان ۾ به صرف سياسي رابطن تي ئي اتفاق ڪيو ويندو. جيڪا ڳالهه جيئن جو تيئن ثاب ت ٿي رهي آهي. بلاول جي نوابشاهه ۾ اڄوڪي اعلان مان ثاب ت ٿئي ٿو ته بلاول پيپلز پارٽي سياسي پارٽي جي حيثيت ۾ عوام جڙيل ناهي رهي. حڪومت مخالف تحريڪ ۽ روڊن تي اچڻ جو اعلان في الحال انتهائي ڏکيو ثابت ٿيندو، اهو حڪومت پاران ڪاررواين ۾ تيزي سميت گرفتار ڪيل آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو، جيڪو آصف زرداري ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندو.

يادگيري لاءِ ضروري آهي ته هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اوهان هي تفصيلي خبر پڙهڻ گهرجي

بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي افطار ڊنر، ڪو به سياسي بريڪ ٿرو نه ٿيڻ جو امڪان ناهي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *