Friday , March 29 2024

سعودي ۾ پرڏيهي غير محرم عورتون ۽ مرد کي هوٽلن ۾ هڪ ئي ڪمرو وٺي رهي سگهندا

سعودي ۾ پرڏيهي غير محرم عورتن ۽ مردن کي هوٽلن ۾ هڪ ئي ڪمرو وٺڻ جي اجازت ملي وئي

هاڻي سعودي واسي عورتون به گهر ڀاتين جي اجاز کانسواءِ هوٽلن ۾ ڪمرا حاصل ڪري رهي سگنديون

رياض ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) سعودي ۾ هاڻي پرڏيهي غير محرم عورتن ۽ مردن کي هوٽلن ۾ رهائش دوران گڏجي رهڻ لاءِ ڪمرا مهيا ڪري سگهبا، ان لاءِ کين پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ لازمي هوندو.

سعودي عرب جي حڪومت اپاران ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرڏيهين لاءِ سهولتن ۾ واڌ ۽ بهتري وارن قدمن تحت نوان حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق سعودي حڪومت سيپٽمبر مهيني جي آخر دوران پرڏيهي عورتن کي پردي لاءِ عبايا پائڻ کان آجو قرار ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪا به پرڏيهي سياح عورت عبايا پائڻ نه ٿي  چاهي ته ان لاءِ مٿس ڪا به پابندي لاڳو نه هوندي.

سعودي حڪومت ملڪ اندر سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ وڌيڪ اهڙُ قدم به کنيون آهي جنهن کي انتهائي معيوب سمجهيو ويندو هو، اهو حڪم پرڏيهي  مرد ۽ عورت سياحن لاءِ، جنهن مطابق هاڻي سياح عورتون ۽ مرد / غير محرم، سعودي عرب جي هوٽلن، گيسٽ هائوسز، ريسٽ هائوسز يا فارم هائوسز ۾ گڏجي رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ڪمرو حاصل ڪري سگهندا، نئين قانون مطابق انهن غير محرم مرد عورت سياحن کي پنهنجي سڄاڻپ ظاهر ڪرڻي پوندي.

رپورٽ مطابق سعودي ڪميشن هاڻي سعودي عرب جي عورتن کي به هوٽلن ۾ ڪرائي تي ڪمرا حاصل ڪري رهائش اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پر اهي به پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرائڻ جون پابند هونديو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *