Tuesday , April 23 2024

سعودي فرمانروا جو خاص محافظ قتل، قاتل به مارجي ويو

سعودي فرمانروا جو خاص محافظ قتل، قاتل به مارجي ويو، ميجر جنرل عبدالعزيز الفغم ذاتي جهيڙي ۾ مارجي ويو: سعودي اختياريون

ڪراچي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب  جي فرمانروا شاهه سلمان خاص ذاتي محافظ جده جي سامونڊي علائقي ۾ مارجي ويو، جنهن کي قتل ڪندڙ جوابدار وري پوليس جي فائرنگ ۾ ٿڏي تي مارجي ويو، سعودي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتاري پيش ڪرڻ جو چيو جنهن  تي هن انڪار ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فائرنگ ۾ مارجي ويو. سعودي عرب جي سرڪاري ٽي وي موجب، سعودي جي فرمانروا شاهه سلمان جو هڪ ذاتي محافظ ميجر جنرل عبدالعزيز الفغم جده شهر جي ڳاڙهي سمنڊ واري علائقي ۾ هڪ ذاتي تڪرار دوران مارجي ويو آهي، مارجي ويل محافظ ميجر جنرل عبدالعزيز الفغم کي سعودي فرمانروا جو انتهائي ويجهو محافظ سمجهيو ويندو هو، سعودي عرب جي رياستي اخبار الاخباريه موجب پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ميجر عبدالعزيز الفغيم کي سندس دوست ذاتي تڪرار جي بنياد تي قتل ڪيو آهي.

پوليس موجب ميجر جنرل الفغم شاهي محل کان ڪجهه ڪلوميٽرز جي فاصلي تي موجود دوست جي گهر ويو هو، جتي اُنهي دوست سان مبينا طور سندس جهيڙو ٿيو. واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پر جوابدار پاڻ کي پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته واقعي ۾ 5 اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *