Saturday , April 20 2024

رودالي بڻيل طبقي کي پ پ کانسواءِ ڪجهه نظر ڇو نه ٿو اچي…؟؟؟ اصغر آزاد

رودالي بڻيل طبقي کي پ پ کانسواءِ ڪجهه نظر ڇو نه ٿو اچي…؟؟؟ اصغر آزاد

وفاقي ڪابينا ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبرز جي شموليت نه هجڻ تي سنڌ جي دانش ۾ بغداد ٿي ويو آهي، ماتم لاءِ تڏو وڇايو پيو آهي، اصل سنڌ سان ناحق ٿيڻ لاءِ منهن مٿو پِٽِڻ جي وارکائي ڪونهي. هن بغداد تي منهن مٿو پٽيندڙن جي اڪثريت اهڙي آهي جيڪا؛ جيڪا سنڌ ۾ گذريل 10 سالن دوران سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهن. اهي محترم ، حالانڪه، بشرطيقه، ڇاهي ته؛ ڇو ته……. بحرحال پ پ پ ئي سنڌ جي لاءِ بهتر آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو/دڳ ناهي. اصل ۾ اهو جيڪو ”چارو“ آهي نه ان ۾ وڏو چاهه آهي، چالاڪي آهي، نَوَ ٽڻ جي ٻيگهي آهي جيڪا آڪسيجن آهي.

جڏهن سنڌ جا نوجوان (روايتي سياستدان نه) پي ٽي آءِ طرف وڌي رهيا هئا ته انهن کي ٽوڪيو ويو، انهن کي نئين رخ واري سياسي پارٽي طرف وڃڻ ۾ روڪڻ لاءِ کوڙ سارا روڙا اٽڪايا ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو پي ٽي آءِ ۾ لياقت جتوئي، ممتاز ڀٽو سميت انهن جهڙا ٻيا هر پنج سالن کانپوءِ ” عوامي مفادن “ ” سنڌ جي وسيع تر مفادن خاطر“ ٿاڪ مٽائيندڙ وڃي پي ٽي آءِ ۾ ويٺا.

ڇنڇر ڏينهن نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان عهدي جو حلف کڻڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ پنهنجي 20 ميمبرز تي ٻڌل وفاقي ڪابينا جي نالن جي منظوري ڏيندي ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪرائي ڇڏيو. ڪابينا جي 15 وزيرن ۽ 5 صلاحڪارن ۾ چون ٿا ته رڳو هڪ سنڌي وزير شامل آهي؛ ان کي  جيڪڏهن ائين چئجي ته هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ وزير آهي ته ٺيڪ آهي. خالد مقبول صديقي ۽ فروغ نسيم کانسواءِ ٻين کي وقت کان سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اسان وٽ اختيار ناهي.

پي ٽي آءِ تي ڪاوڙيل پ پ کان پڇڻ لاءِ تيار ناهن ته…؟؟

اُهي 2008 کان وٺي سنڌ جي حڪومت جا واڳ ڌڻي بڻيل، 2008 کان 20013 تائين وفاقي سرڪار به سندن جي ئي هئي. 2008/20013 تائين سنڌ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم اوهان جي اتحادي هئي، انڪري سنڌ ڪابينا جا لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو وزير، مشير، خاص مددگار اوهان جا هئا، جن مان وري 80 سيڪڙو کان سوايا سڀ سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. ڇا اوهان اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته؛ سنڌ تي ڏهه سال حڪمراني ڪندڙ پ پ ۽ ان جي 80 سيڪڙو سنڌي وزير سڳورن ۽ دانهون ڪندڙن ڪڏهن پنهنجي حڪومت کان اهو سوال ڪيو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو گٽرن جو گند مليل پاڻي پيئندا رهن ٿا، ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟؟ اهو ننڍڙو سوال آهي، پر ان سوال تي گذريل اسيمبلي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني، وڏو وزير مراد علي شاهه، امداد پتافي سميت 90 سيڪڙو پ پ ايم پي ايز ۽ اسيمبلي کان ٻاهر پ پ پ زده دانشور ائين اُبُڙڪو ڏئي اٿندا رهيا آهن جيئن درياءَ ۾ چاڙهه وقت پاڻي روڻيون هڻدو آهي.

ان ننڍڙي سوال تي جيڪو جواب ملندو رهيو (هاڻي به ساڳي اميد ڪجو) اهو ساڳيو آهي ته؛ جنهن جو جواب آهي ته ؛ حالانڪه بشرطيقه… ڇاهي جو…. پ پ پ جو متبادل ناهي. پر ان جواب جو گذريل 25 جولاءِ وارين چونڊن ۾ موجود هيو.؛ پر اهي ٻه ڌريون ماڻهن کي وڻن ڪو نه ٿيو انڪري انهن (سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ تبديلي پسند پارٽي) کي ڪنهن کاتي ۾ ئي نه ٿا رکن، ان جو به ڪارڻ هڪڙو آهي ته بس مڙئي پ پ پ جي حمايت ڪرڻي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *