Saturday , April 20 2024

رمشا وساڻ قتل ڪيس:جوابدارن کي بچائڻ لاءِ وڏيرا سرگرم

ٺري مير واهه/ ڪوٽڏيجي (رپورٽرز سنڌسماءَچار) ڪنب ڀرسان گهر اندر قتل ڪيل ناري جي ڪيس لوڙهڻ لاءِ تَر جا بااثر وڏيرا ۽ سندن آشيرواد سان مقرر ايس ايس پي نياڻي رمشا وساڻ جي خون کي لوڙهڻ جو بندوبست ڪري ورتو آهي، داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ نياڻي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙي خبر سنڌسماءَچار گذريل ڏينهن ئي ڏئي چڪي هئي. سنڌسماءَچار جي رپورٽرز کان مليل رپورٽس مطابق، ڪوٽڏيجي جا بااثر سياسي وڏيرن جوابدار ذوالفقار وساڻ سميت سندس ٻين ساٿين کي بچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏني آهي. خيرپور پوليس جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق رمشا جي اغوا کان قتل ۽ بعد ۾ هيل تائين ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل خيرپور خاص طور تي ڪوٽڏيجي ۽ ڪنب جي بااثر ماڻهن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ايس ايس پي ٻن ڏينهن دوران 3 ڀيرا ڳجهي نموني بااثر ماڻهن سان ملاقات به ڪري چڪو آهي. بااثر ماڻهن پاران جوابدار ذوالفقار وساڻ کي بچائڻ لاءِ دڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي پهرين داخل ڪرايل ڪيس ۾ ته ذوالفقار وساڻ کي نامزد جوابدار ڄاڻايو آهي، پر ان کي ڪنهن ٽيڪنيڪل نموني بچائڻ لاءِ خيرپور جي هڪ رٽائرڊ هيڊمحرر جون خدمتون ورتيون پيون وڃن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پهرين ايف آءِ آر به تڪڙ ۾ ان ئي هيڊمحرر جي صلاح تي ڪٽرائي وئي آهي.

رمشا جي قتل جي داخل ڪيل ايف آءِ آر

ڪُنب ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ناريءَ رمشا وساڻ جي والد پرويز وساڻ موجب ذوالفقار وساڻ ۽ 4 اڻڄاتل هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ناري رمشا کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪيو آهي. ڪيس ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو ته هٿياربندن جي حملي بابت ڳجهو اطلاع ملڻ تي پوليس ڳوٺ نواب وساڻ وڃي رهي هئي ته ذوالفقار وساڻ ۽ 4 هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي رهيا هئا. پوليس سندن پويان وئي پر جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪُنب پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس ناري رمشا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته ذريعن اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو هو، پوليس دير سان اسپتال پهتي هئي. ناري جي والد سوڌو سمورن وارثن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ستين ڪلاس جي شاگردياڻي جي قتل واري واقعي کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو وڃي.

ڪنب ڀرسان سياسي پٺڀرائي رکندڙ جوابدار گهر ۾ گهڙي 13 ورهين جي نينگري کي گولين جي بک بڻائي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *