Thursday , March 28 2024

راڄ کي روهي ۾ وجهندڙ آمريڪا ۽ طالبان پاڻ ۾ ٺهي ويا

راڄ کي روهي ۾ وجهندڙ آمريڪا ۽ طالبان پاڻ ۾ ٺهي ويا

دوحه/اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) 70 واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان 80 واري ڏهاڪي کان وٺي پاڪستان ۽ افغانستان سميت دنيا ۾ کي روهي ۾ وجهندڙ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، صلح ٿيڻ لاءِ ڪيل لکت پڙهت واري دستاويز تي ٻئي ملڪ راضي ٿي ويا آهن، افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جوڙڻ واري طالبان جي مطالبي تي به ڌريون ٺهي ويون آهن، هي جهيڙو 17 سال اڳ طالب ان ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌو شروع ٿي ويو هو، جنهن بعد آمريڪا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري بي بي سي جي خبر مطابق، افغان طالبان ۽ امريڪا وچ ۾ گذريل 17 سالن کان جاري افغان جنگ جي خاتمي جو معاهدو ٿي ويو آهي. بي بي سي موجب دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ٿيل ڳالهين دوران 18 مهينن دوران افغانستان مان امريڪا پنهنجي ۽ اتحادي ملڪن جي فوج کي واپس ڪيو ويندو، فوجن جي واپسي جو شيڊيول به تيار ڪيو ويندو. جنگ بندي جو شيڊيول ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ طئه ڪيو ويندو، جڏهن ته طالبان جنگ بندي کانپوءِ افغان حڪومت کان سڌي ريت ڳالهيون ڪندا. اها ڳالهه ياد هجي ته افغان طالبان ۽ آمريڪي عملدارن وچ ۾ قطر ۾ گذريل هڪ هفتي کان ڳالهيون هلندڙ آهن، جن ۾ جنگ بندي ۽ افغانستان کان پرڏيهي فوج کي ڪڍڻ تي غور ڪيو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري رائٽر افغان طالبان جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق هڪ خبر ۾ چيو آهي ته، افغان امن ڳالهين بابت امريڪي نمائندي زلمي خليل زاد افغانستان جي صدر اشرف غني کي طالبان سان طئه ڪيل شرطن بابت بريفنگ ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي افغانستان پهچندو. افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ واري مسودي جا تفصيل ايندڙ هفتي جي آخر تائين ٻنهي ڌرين پاران گڏيل طور تي دنيا آڏو پڌرو ڪيو ويندي. طالبان سان ڳالهين جو سلسلو ۽ رابطا جاري رکڻ لاءِ افغان ان ٽيليجينس چيف معصوم ستانگزئي به قطر پهچي ويو آهني.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *