Wednesday , April 17 2024

راندين واري کاتي پاران 10 سالن کانپوءِ ٿيندڙ سنڌ گيمز ۾ بدانتظامين جو سنڌ اسيمبلي ۾ پڙاڏو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران 10 سالن کانپوءِ ٿيندڙ سنڌ گيمز ۾ بدانتظامي سبب رانديگرن جي پريشانين کي به وفاقي حڪومت جي کاتي وجهندي صوبائي وزير سردار محمد بخش چيو آهي ته، وفاقي حڪومت جي ڪوتاهين سبب ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا آهن، اسان جي ڪا به ڪوتاهي ناهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سنڌ گيمز ۾ بدانتظامين واري معاملي تي اپوزيشن راندين واري وزير کان پڇاڻو ڪيو، صوبائي وزير محمد بخش مهر بدانتظامين جو ذميوار وفاق کي قرار ڏيندي چيو ته اپوزيشن ساٿ ڏنو ته ايندڙ سنڌ گيمز وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪرايون وينديون.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ گيمز ۾ وڏي پئماني تي بدانتظاميون ٿيون، پراڻن گدن جي استعمال سبب رانديگرن جون زندگيون خطري ۾ هيون. ان دوران محمد بخش مهر پنهنجي ڊيسڪ وٽ بيٺل رهيو ۽ جواب ڏيڻ چاهي پيو پر ڊپٽي اسپيڪر محمد بخش مهر ۽ نصرت سحر عباسي کي ڳالهائڻ کان روڪيندي رهي. راندين واري وزير  محمد بخش مهر وضاحت پيش ڪندي چيو ته، هاءِ جمپنگ جي مقابلن دوران پراڻن گدن جي استعمال جي ذميوار نيشنل ڪوچنگ سينٽر جي انتظاميا آهي، جيڪا وفاق جي ماتحت آهي. جيڪڏهن اپوزيشن ساٿ ڏنو ته ايندڙ سنڌ گيمز وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪرايون وينديون. اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا  نصرت سحر عباسي ۽ ارم فاروقي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *