Tuesday , August 11 2020
uren

دنيا کي نه ڏسي سگهڻ جو تجربوڪندڙ صحافي – قاضي آصف

Qazi Asif

 گهڻا ماڻهو تولارام مينگهراج ٻالاڻي جي نالي کان واقف هوندا؟ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي صحافت تي ڪو خاص ڪم ناهي ٿيو، انڪري اسان پنهنجي ويجهي تاريخ جي ورقن ۾ لڪل هيرن جواهرن کان واقف ئي ناهيون.هو جو شيخ اياز چيو هو؛

ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو ته ڪو سڃ ۾ مئو!

ڪير ٿو ساري؟ وقت ڪنهن وٽ آ.

پر مايوس نه ٿجي، ڪم ڪجي.

 تولارام سنڌ جو اهو صحافي هو جنهن کي فقط 32 سالن جي عمر ۾، چون ٿا، انگريز سرڪار لاڙڪاڻي گهاڙ واه ۾ ٻوڙي مارائي ڇڏيو. هن پهريون دفعومذهبي سوچن کي هڪ طرف رکي نج سياسي مسئلن تي 1905ع ۾ اخبار جاري ڪئي. تکين تيز لکڻين سبب، اخبار بند، ٻي اخبار ڪڍي، پهرين پرچي اچڻ سان پابندي. پوءِ هن جيڪا اخبار ڪڍي فقط پهريون پرچو ئي آيو، بندش مٿان بندش، حال اهو ٿيو جو هو اخبار هٿ ۾ کنيو وتندو هو، ڪو پريس وارو ڇپڻ لاءِ تيار نه هوندو هو. انگريز سرڪار ان جي ڪڍ هوندي هئي، نوشهروفيروز جو هي لعل، آخر ۾ لاڙڪاڻي جي سوامي ڌرمداس جي سنگ ۾ اچي رهيو، اتي ئي گهاڙ واه ۾  ٻوڙي ماريو ويو. هو سنڌي صحافت جو پهريون شهيد آهي. هن جا ڪجه تفصيل عزيزالرحمٰن ٻگهيو صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Shamsher ul hyderi 05

مونکي اصل ۾ ڳاله ڪرڻي هئي سائين شمشيرالحيدري جي، ذهن تي تولارام ٻالاڻي تري آيو، جو ٻنهي جون عادتون، حرڪتون، جدوجهدن ۾  مونکي گهڻي هڪجهڙائي لڳندي آهي. فرق فقط اهو آهي جو شمشير طبي طور دنيا مان رخصت ٿيو.

مارچ 1983ع ۾ خيرپور۾ سچل نيشنل سيمينار ٿيو، دنيا، ملڪ جا وڏا نالا لٿل هئا اهو ڪارنامو هو ان وقت سکر جي ڪمشنر، سيد محب الله شاه جوهو. مان ميٽرڪ جو شاگرد، قربان منگي جي پوپٽ ٻارڙا سنگت جو حصو ٿي وڃي خيرپورپهتس. ڪانفرنس حال ۾ اڳين ڪرسين تي سائين شمشيرالحيدري ٻين وڏن نالن سان ويٺو هو، آٽو گراف لاءِ وڃي ڊائري سندس آڏو جهلي، مرڪي، لکي ڏنائين ”جيئين شال، ڪر ڪي جيئارڻ جون ڳالهيون “ اها اهڙي نصيحت هئي جيڪا ذهن ۾ گهر ڪري وئي، اڄ به محفوظ آهي، ان جي نصيحت تي عمل ڪيوسين يا نه، وقت طئي ڪندو.

ڪو واءُ وريو، ورهين پڄاڻان، صحافت جي دنيا ۾ پهتاسين، قصو مختصر، هڪ ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي ڪينٽين ۾ ويٺوهوس، سائين شمشير آيو، چانھ جي صلاح ٿي، چيائين سيپريٽ چانھ پي بي. سيپريٽ چانھ آئي، مون ٺاهڻ شروع ڪئي، شمشير صاحب، هٿ جهليو…..ابا چانھ مان پاڻ ٺاهيندس. مون چيو سائين مان چاءِ سٺي ٺاهيندو آهيان، توهان کي مزو ايندو. پر سائين شمشيرسيپريٽ چانھ جا سڀ ٿانو پاڻ ڏانهن سوري، چانھ ٺاهڻ شروع ڪئي. سڄو ڪپ پتي واري پاڻي( جنهن کي اسان سليماني يا ڳاڙهي چانھ چوندا آهيون) سان ڀري چمچي سان کير جا ٻه ٽي ڪپ ۾ وجهي، ڪپ ۾ چمچو گهمائيندي مونکان پڇيو، ”ابا اهڙي چاءِ تون ٺاهي سگهين ها؟؟ مان ان ڪري توکي چانهن ٺاهڻ نه ڏني جومنهنجي چاءِ مون کانسواءِ ڪو ٺاهي ئي ناهي سگهندو“ مان اڪثر چوندو آهيان، سائين شمشير جي چانهن پيئڻ يا ان جهڙي صحافت ڪرڻ، هرڪنهن جي وس جي ڳاله ناهي.

Shamsher ul hyderi 03

ائين سائين شمشير سان ذاتي تعلق جڙيو. پوءِ شمشير صاحب اڪثرڪراچي پريس ڪلب مهرباني ڪري ايندو هو، جو هو پاڻ به ڪلب جو ميمبر هو. ان سان ڳالهيون، حال احوال ڪري گهڻو سي سکبو هو. شمشيرصاحب جڏهن کان سڌي سئين سڃاڻ ٿي، ڊگهيون ڪچهريون ٿيون، هڪ ڳاله محسوس ٿي ته هو، پرپٺ ڪنهن جي گلا غيبت نه ڪندو هو. اسان جڏهن به ڪنهن ڳاله تي کيس کولڻ، ڳالهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. خاموش ٿي سگريٽ جا ڪش وڌائي ڇڏيندو هو، ڪنهن جي ذاتي گلا نه ڪندي ٻڌو. آخر۾ کيس شڪايت رهي ته سنڌ انفارميشن کاتي جيڪو انورپيرزادي ۽ شمشيرصاحب کان ڪم ڪرايو هو، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي بدلي ٿي وڃڻ کانپوءِ، ان کي اهميت نه ڏني وئي.

نئين زندگي وفاق جو سنڌي ۾ سرڪاري رسالو هو، اهو شمشير جي ادارت ۾ آيو ته رنگ ئي بدلجي ويا، اهو عوام جو مقبول رسالو بڻجي ويو. اڄ به نئين زندگي جا پراڻا پرچا ڏسي واقعي معلومات جي نئين زندگي مليو وڃي ٿي. بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو، سندس ڪم جو پرتو توهان کي نظرايندو. خادم وطن اخبار ۾ ڪم ڪيو. پير پاڳاري جي اخبار مهراڻ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، 83ع جي جدوجهد ۾، اهڙو ڪم ڪيائين جو اها اخبار بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳي. فقط ٽي مهينا ايڊيٽر رهي سگهيو. هڪ ڏينهن پير صاحب کيس گهرائي اخبارکان الڳ ڪري ڇڏيو.

ان جي باري ۾ پريس ڪلب جي ٽيرس تي ويٺي، ڪيترا ڀيرا پڇيو ته پيرصاحب ۽ توهان جي باري ۾ ڪهڙي ڳاله ٻولهه ٿي؟ پرهن وڌيڪ ڪجه نه ٻڌايو، چيو، بس خوشگوار موڊ ۾، اخبار سان تعلق جو اختتام ٿيو.

ان کانپوءِ هلال پاڪستان جي ايڊيٽرشپ ختم ٿي.1984غ ۾ هلچل ۽  هدايت ابراهيم جويو صاحب سان گڏجي ڪڍيا جيڪي واري ، واري تي هڪ ٻئي جي پٺيان سرڪار جي حڪمن هيٺ بند ٿيا. انهن رسالن جا هڪ ڳا ٻه پرچا مس نڪري سگهيا.

Shamsher ul hyderi 04

وڏي ڪا حام هڻڻ، پنهنجي وڏ ماڻهائپ جتائڻ جي ، هو پنهنجي ڪم، ڪمٽمنٽ ۾ مصروف رهيو.

آخري وقت ۾ شمشير صاحب پريس ڪلب نه آيو، ته مون کيس ڪال ڪئي. ”سائين ڪٿي آيو، صفا وساري ويهي رهيا آهيو؟“ جواب آيو ”ابا آصف اسلام آباد آيو آهيان، اکين جو اعلاج ڪرائڻ، نظرگهٽ ٿي وئي آهي.“

”سائين پوءِ هاڻي ڪيئن آهي طبيعت؟“

”يار آسرو گهٽ آهي، نظر ٺيڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ڊاڪٽر، ڏسون ڇا ٿو ٿئي؟ ڪجه ڏينهن ۾ ڪراچي اچبو ڪچهريون قائم“

ڪجه ڏينهن کانپوءِ خبر پئي شمشير ڪراچي پهتو آهي. ٻئي ڏينهن تي مان سندس پاڪستان ڪوارٽرز واري گهر پهتس. ڪمري ۾ ساڻس ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ هڪ ٻيو دوست به ويٺا هئا. مان صندل تي شمشير صاحب جي ڀرسان ويٺس. سندس سگريٽ ۽ ماچس جا پيڪٽ ڀرسان پيا هئا. شمشير صاحب چين سموڪر هو، کيس سگريٽ جي ٻاڙ محسوس ٿي، سندس نظر تمام گهٽ ٿي چڪي هئي، هٿ سان پيڪٽ تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مان سگريٽ ۽ ماچس جا پيڪٽ کڻي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي….. شمشير نه ڏسي سگهي، مونکي تمام گهڻو صدمو ٿيو، جو مان کيس ان حالت ۾ پهريون دفعو ڏسي رهيو هوس. هو ذهن پڙهندڙ ماڻهو هو، سمجهي ويو، چيائين ” ابا آصف، زندگي جا ستر سال دنيا جون رنگينيون، حسناڪيون ڏٺوسين، هاڻي زنده هوندي، دنيا کي نه ڏسي سگهڻ جو تجربو به ڪري ڏسجي،.!!؟“

 منهنجو ڄڻ هنياءُ ڇڄي پيو، ڪيڏو وڏو ماڻهون، نصيبن جو رئڻو روئڻ، مايوسين جون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ هڪ نئي اتساه جي ڳاله، مشاهدن جي شوق جون ڳالهيون. ڀٽائي چواڻي ـمرڻ جن مشاهدو“

شمشير جهڙو بهترين اعلي پايي جو ليکڪ، صحافي هو، ان کان وڏو انسان هو. سندس ذاتي زندگي مان اتساه ۽ سبق ئي مليا.

وقت گذرڻ سان هيڻو ٿيندو ويو، اسان وري پنهنجي صحافتي مصروفيتن ۾ گم، ٻيهر سندس گهر وڃي نه سگهيس، فون تي ڳاله ٻوله ٿيندي هئي.

هڪ ڏينهن خبر پئي، شمشير صاحب کي ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ساڳئي ڏينهن نه وڃي سگهيس، ٻئي ڏينهن پهتس، سائين تمام گهڻو ڪمزور بيڊ تي پاسريو ستو پيو هو. سندس پوٽي کان پڇيم ، سائين آرام ۾ آهي ته مان واپس وڃان پوءِ ايندس. آواز سڃاڻي ورتائين، اکيون کولي  مون ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس نظر ڪم نه پئي ڪيو، هٿ ملائڻ لاءِ ٻانهن ڊگهي ڪيائين،جسم نٻل آواز ساڳيو سگهارو، ”ابا آصف خوش آهين.“

Shamsher ul hyderi 01

”سائين ڌڻي جو ڪرم آهي، توهان جي طبيعت ڪيئين آهي؟“

” هلي پئي، ٺيڪ ٿيان ته وري پريس ڪلب ۾ ڪچهريون قائم، منهنجو ڪتاب مليو ؟“

”سائين توهان کي ڪتاب جي مبارڪ هجي، مان وٺندس، توهان خوش ٿيو، اسپتال مان نڪرو“

پنهنجي پوٽي کي سڏي چائين، ”آصف کي ڪتاب ڏيو“

هن کيس چيو، بابا ڪتاب هاڻي هتي موجود ناهي، پوءِ پهچايون ٿا.

مون کيس عاجزي وچان چيو ” سائين ڪتاب وٺندس، توهان فڪر نه ڪريو، پنهنجي صحت جو خيال رکو“

”نه ابا، توکي ڪتاب نه ملي ته مزو ڪهڙو“

مان کائنس اجازت ورتي. چيائين ”ڪچهريون قائم“

پرساڻس ڪچهريون قائم نه رهي سگهيون، هڪڙو شمشير هو زماني ۾، اهو ابه اڄ گذاري ويو.

منهنجي ڊائري ۾ خيرپور ۾ سندس لکيل لفظ، جيئين شال ڪر ڪي جيئارڻ جون ڳالهيون ، محفوظ آهن. هو دنيا مان هليو ويو، پر سندس اميد پرستي، همتون، اسان لاءِ جيئڻ جو اتساه آهن.

الفت جي اسيرن کي، ماري وئي تنهائي،،

شمشير سائين، توهان دنيا کي نه ڏسي سگهڻ جو تجربو ڪري رهيا هئا، هاڻي دينا توهان کي نه ڏسي سگهڻ جي تجربي مان گذري رهي آهي،

We are miss you sir!

About Asghar Azad

Check Also

اندر رُوح رهيام، خاڪي جويو کي ڀيٽا – سنڌو جويو

Share this on WhatsAppخاڪي جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس وڏور نياڻي پنهنجا احساس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *