Thursday , March 28 2024

خيرپور ۾ وحشي جوابدارن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا

نوجوان کي اغوا بعد نازڪ عضوون سميت سڄي جسم تي جهير ڏئي مئل ڄاڻي اڇلائي ويا، خيرپور ۾ وحشي جوابدارن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا

خيرپور (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) خيرپور جي پوليس ٽريننگ سينٽر واري علاقئي ۾ اڻسڃاتل جوابدارن انسانيت جا ليڪا لاتڙيندي هڪ نوجوان کي اغوا ڪري سندس جسم تي جهير ڏئي مُئل سمجهي اڇلائي ويا، واٽهڙوئن نوجوان کي اسپتال پهچايو، سندس نازڪ عضوون تي به جهير ڏنا ويا. ڳوٺ جان محمد جانوري جي رهواسي نوجوان عبيدالله ولد حبيب الله گهانگهري کي زخمي ۽ بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي  ڌمڪين ملڻ واري اين سي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. زخمي نوجوان جي والد حبيب الله جانوري جو چوڻ آهي ته جوابدار اصغر چانڊيو ۽ سندس ٽن ساٿين عبيدالله کي شام ڌاري اغوا ڪيو ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس ڳلو ڪپي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته جوابدار سندس پٽ کي زخمي ڪرڻ ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ويا، اتان گذرندڙ ماڻهن ڪار ۾ کيس کڻي اسپتال پهچايو آهي. هن چيو ته اصغر چانڊيو واري ڌر سندس دشمني آهي، جنهن تان هڪ سال اڳ به سندس پٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

خيرپور ۾ وحشي جوابدارن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا

نوجوان کي اغوا بعد نازڪ عضوون سميت سڄي جسم تي جهير ڏئي مئل ڄاڻي اڇلايو ويو، خيرپور ۾ وحشي جوابدارن انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا

خيرپور (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) خيرپور جي پوليس ٽريننگ سينٽر واري علاقئي ۾ اڻسڃاتل جوابدارن انسانيت جا ليڪا لاتڙيندي هڪ نوجوان کي اغوا ڪري سندس جسم تي جهير ڏئي مُئل سمجهي اڇلائي ويا، واٽهڙوئن نوجوان کي اسپتال پهچايو، سندس نازڪ عضوون تي به جهير ڏنا ويا. ڳوٺ جان محمد جانوري جي رهواسي نوجوان عبيدالله ولد حبيب الله گهانگهري کي زخمي ۽ بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي  ڌمڪين ملڻ واري اين سي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. زخمي نوجوان جي والد حبيب الله جانوري جو چوڻ آهي ته جوابدار اصغر چانڊيو ۽ سندس ٽن ساٿين عبيدالله کي شام ڌاري اغوا ڪيو ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس ڳلو ڪپي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته جوابدار سندس پٽ کي زخمي ڪرڻ ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ويا، اتان گذرندڙ ماڻهن ڪار ۾ کيس کڻي اسپتال پهچايو آهي. هن چيو ته اصغر چانڊيو واري ڌر سندس دشمني آهي، جنهن تان هڪ سال اڳ به سندس پٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *