Tuesday , April 23 2024

خيرپور ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا، پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي اهم اڳواڻن ۾ ڦڙڦوٽ

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) خيرپور جي ناري ۽ ڪوٽڏيجي تعلقن ۾ ٻيلي کاتي سميت مختلف سرڪاري کاتن جي زمينن تي قبضن، غير قانوني ليز ۽ کاتن ۾ هيراڦيري ڪري بااثر ماڻهن جي نالن تي کاتا چاڙهڻ وارن معاملن بابت سنڌسماءَچار پاران  مختلف وقتن تي نيوز اسٽوريز هلائڻ ۽ مسلسل انهن خبرن جي پوئواري ڪرڻ جو نيٺ اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، نيب اختيارين ناري تعلقي جي مختيارڪار جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. نيب ناري تعلقي اندر سرڪاري زمينن جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري، ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا، غير قانوني ليز ۽ انهن ۾ به هيراڦيري ڪرڻ جي ميگا ڪرپشن جي باقائده انويسٽيگيشن شروع ٿي وئي آهي. www.sindhsamaachar.com کي ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ ٽيم ناري تعلقي جي مختيارڪار آفيس تي ڇاپو هنيو. نيب ٽيم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن  جو چوڻ آهي ته، ڇاپي دوران نيب ديهه جُبو، ڪلاهو، ڀونگي واري سميت مختلف ديهن ۾ ساڍا 16 هزار ايڪڙن کان  وڌيڪ سرڪاري زمين الاٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ روينيو کاتي جا ڪامورا، پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي بااثر ماڻهن ماڻهو شامل آهن. ان ڏس ۾ www.sindhsamaachar.com  کي مليل ڄاڻ مطابق، سرڪاري زمين غيرقانوني طريقي سان سياسي پٺڀرائي رکندڙ ماڻهن جي نالن تي ليز يا الاٽ ڪئي وئي. انهن زمينن مان اڪثر زمينون  ناري تعلقي ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گئس ڪمپنين کي سب ليز يا مقاطعي تي ڏني. انهن زمينن جي ڪمپنين کان معاوضي جي صورت ۾ 1999 کان هيل تائين اربين رپيا وصول ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ناري ۾ ليز يا الاٽمينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ بينيفشري منظور وساڻ، نواب وساڻ، امتياز ملاح، خادم آرادين آهن، يا اهي زمينون انهن جي نالي تي آهن يا وري انهن جي انتهائي اعتماد وارن ماڻهن جي نالن تي آهن ۽ اهڙي طرح انهن زمينن جا اصل بينيفشري اُهي ماڻهو آهن.

خيرپور ۾ زمينن تي قبضن بابت سنڌسماءَچار جي هي اهم خبر پڙهڻ لاءِ لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻن کي الاٽ ٿيل، 13 هزار ايڪڙ ٻيلا تباهه

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *