Wednesday , June 26 2019
uren

خيبرپختونخواه جي اورڪزئي واري علائقي ۾ ڌماڪو،30 ڄڻا مارجي ويا،42 زخمي

هنگو(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخاوه صوبي جي ڪلايا بازار ۾ امام بارگاهه سان ٿيل بم ڌماڪي ۾ 30 شهري مارجي ويا ۽ 42 زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽس مطابق، اورڪزئي ضلعي جي مصروف علائقي ڪلايا بازار ۾ امام بارگاهه ڀرسان صبح جي وقت ٿيو، جنهن ۾ 30 شهري مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت بازار ۾ ماڻهن جي رش هوندي آهي، پر جمعي جو ڏينهن هجڻ ڪري اڪثر دوڪان بند هئا؛انڪري جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي. مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته، ڌماڪي کانپوءِ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. سيڪيورٽي فورسز به واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

آءِ ايم ايف تحريڪ انصاف معرف بجيٽ پيش ڪئي، منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: پ پ پ چيئرمين

Share this on WhatsApp لاهور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *