Wednesday , August 12 2020
uren

خراب حڪمراني خلاف عوامي بيزاري کي تحريڪ ۾ ڪيئن تبديل ڪجي..؟ شهاب اوستو

شهاب اوستو ايڊووڪيٽ

Shahab Usto

مون جڏهن ڪميشن جو آرڊر، جنهن ۾ مختلف اختيار رکندڙ عملدارن کي ڪميشن جي حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ بينظيرآباد ڊويزن جي دورن بابت اطلاع ۽ حڪم ڏنل هئا، سو پنهنجي فيس بڪ تي ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ رکيو ته، هڪڙي فيس بڪ جي دوست سليم بوزدار هيءُ لکيو ته، ”بس سائين الله ڪري ڪجهه ٿئي، اميد گهٽ آهي.“ سليم بوزدار جي هن جملي مون کي اتساهه ڏنو ته هي مضمون لکان ۽ ڪجهه بنيادي سوال اٿاريان.

يقينن ماڻهن جي ذهنن ۾ موجوده حالتن مايوسي ۽ بي يقيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. بدانتظامي، ڪرپشن، پڇاڻو نه هجڻ ۽ رياستي ادارن جي ناڪامي ماڻهن کي ٻن گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. وڏو انگ انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي يا ته سڀ ڪجهه قسمت تي ڇڏي ويهي رهيا آهن يا وري انهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي انتظامي بگاڙ ۽ ڪرپشن کي ترقيءَ جو ذريعو سمجهي پاڻ به ان جو حصو ٿي ويا آهن. پر ٻيو گروهه جيڪو توڙي جو تعداد ۾ گهٽ آهي، پر موجود ضرور آهي. نه رڳو موجود آهي، پر متحرڪ به آهي. جيڪو سمجهي ٿو ته رياستون ۽ معاشره بحرانن، تضادن ۽ خرابين جو شڪار ٿي نه صرف بيهي ويندا آهن، پر پوئتي هلڻ به شروع ٿي ويندا آهن. انهن سماجن جي بحرانن پٺيان گهڻائي سبب هوندا آهن پر شايد سڀ کان اهم سبب Change Maker يا تبديلي آڻيندڙ قوتن جو نه هجڻ يا ڪمزور هجڻ هوندو آهي. هن وقت خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪا سياسي ۽ سماجي صورتحال آهي، ان ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته شايد سياسي طور ڪافي سالن تائين موجوده حڪمرانن جو ٽولو، سندن ڀوتارڪا ۽ ڪامورڪا ساٿي سنڌي سماج ۽ راڄ تي قابض رهندا ۽ خراب حڪمراني توڙي ڪرپشن جو بول بالا هوندو. پر ڇا واقعي سنڌ جا ماڻهو پنهنجون زندگيون ائين ئي بيمارين، تڪليفن، مايوسيءَ ۾ گذاريندا رهندا؟ ڇا جيڪڏهن سياسي قيادت مفاهمت يا بگاڙ جو شڪار  ٿي وئي آهي ته سماجي تحريڪون ۽ عوامي ردعمل ۽ احتجاج به جنم نه وٺندا؟ ڇا اسان جي جديد تاريخ ۾ سماجي تحريڪن لاجواب ۽ تاريخ ساز باب مُرتب نه ڪيا آهن؟

عورتن جي ووٽ جو حق هجي يا غلامي جي خلاف سماجي ويڙهه، سوشل ويلفيئر (8 ڪلاڪ پورهيو، پينشن، علاج جو بيمو، يونين ۽ روزگار جو تحفظ) هجي يا نسلي، مذهبي، ثقافتي تعصب خلاف تحريڪون هجن يا وري Environmental Justice (ماحولياتي انصاف) لاءِ ڪامياب جدوجهد هجي، تاريخ اهڙن بنيادي انساني حقن جي حاصلات وارين تاريخي ڪاميابين سان ڀري پئي آهي. مغرب ۾ ته هم جنس پرستيءَ واري حق لاءِ هلندڙ تحريڪن کي به اتان جي ڪيترن ملڪن تسليم ڪيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان اهو فيصلو ڪيون ته ڇا اسان خاموش ويهي غربت، بيماري، لاچاري، جهالت ۽ ذلت برداشت ڪري موجوده خراب حڪمرانيءَ واري نظام کي قائم رکون يا پنهنجو مقدر بدلائڻ لاءِ سندرو ٻڌي ٻاهر نڪرون؟

سماجي تحريڪون ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن؟ ان جي باري ۾ مختلف رايا آهن. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته سماج ۾ اٿل پٿل تڏهن پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ڪو انقلابي پيدا ٿيندو آهي. ان ڏس ۾ هو مختلف تاريخن/شخصيتن جو نالو کڻن ٿا، جن ۾ هو حضرت موسيٰ عه کان وٺي موجوده دور جي سياسي ليڊرن ۽ سائنسي شيون ايجاد ڪندڙن کي به شامل ڪن ٿا، ته جن سماجن کي پنهنجي تخليقي، فني ۽ نظرياتي طاقت سان ڪافي حد تائين تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪارل مارڪس جو خيال آهي ته ”برابر انسان پنهنجي تاريخ پاڻ ٿو جوڙي، پر هو پنهنجي مرضي سان حالتن کي موڙي نٿو سگهي، بلڪه ماضي ۽ حال جي حالتن مان ئي پنهنجي مستقبل لاءِ تاريخ سازي ڪري ٿو.“ ڪارل آگليسبي  Carl Oglesbyجيڪو آمريڪا جي کاٻي ڌر جي شاگرد تحريڪ جو هڪ هيرو رهيو آهي، تنهن به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته، ”دنيا ۾ بحران جو سبب باغي نه هوندا آهن، بلڪه دنيا جو بحران ئي باغي پيدا ڪندو آهي.“ اسان جي ملڪ ۾ به جيڪو دهشتگردي جو وڳوڙ، مذهبي فرقيواريت جا مسئلا توڙي رياست کان بيزاريءَ واري صورتحال آهي، ان جي پٺيان به ماضي ۽ حال جون مقامي، علائقائي ۽ بين الاقوامي حالتون آهن، جن هتان جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي توڙي نظرياتي جوڙجڪ کي متاثر ڪيو آهي.

سماجي تحريڪون عام طور تي ٽن يا چئن مرحلن مان گذري نتيجا ڪڍنديون آهن. پهريون مرحلو اهو هوندو آهي، جڏهن ماڻهن جو چڱو خاصو انگ سياسي ۽ اقتصادي نظام مان ناخوش هوندو آهي، پوءِ انهن ۾ فطري طور تي ڪاوڙ جنم وٺندي آهي. هو بيزار ته هوندا آهن، پر ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. بس هو پنهنجي بيزاري ۽ ڪاوڙ جو اظهار ننڍي سطح جي عوامي ميڙاڪن ۽ نجي ڪچهرين ۾ ڪندا رهندا آهن، جنهن سان حڪومتن يا اختيار ڌڻين جي خلاف Negative Perception (منفي تاثر) وڌندو ويندو آهي. هن وقت سنڌ جو ماڻهو ڪاوڙ ۽ بيزاري واري ڪيفيت ۾ آهي پر هو ان پوزيشن ۾ ڪونهي يا هن وٽ اها قيادت ۽ تنظيم موجود ناهي، جو هو پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪنهن سياسي ۽ سماجي تحريڪ ۾ تبديل ڪري پنهنجون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون تبديل ڪري سگهي.

ٻيو مرحلو سماجي تحريڪ پيدا ٿيڻ لاءِ تڏهن ايندو آهي، جڏهن ماڻهن جي ڪاوڙ، بيزاري ۽ جذباتي ردِعمل اجتماعيت ۾ نظر ايندو آهي. ننڍا ننڍا گروپ ٺهڻ شروع ٿيندا آهن. انهن گروپن ۾ ويجهڙائپ بعد الائينس (اتحاد) پيدا ٿيڻ کان پوءِ هڪ وڏي سماجي ۽ سياسي تحريڪ پيدا ٿيندي آهي، جنهن سان ڪا تبديلي اچي ويندي آهي. هندستان ۾ اروند ڪيجريوال جي عام آدمي پارٽي ۽ انا هزاري جي تحريڪ وڏي تعداد ۾ ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ خلاف ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ نفرت جي اظهار لاءِ عملي طور تي ميدان ۾ نڪري هلايل تحريڪ جو نتيجو آهي. اڄ عام آدمي پارٽي هڪ اڀرندڙ سياسي قوت آهي، جيڪا سماجي تحريڪ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي آهي.

سماجي تحريڪ جو ٽيون مرحلو تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن اها تحريڪ پنهنجو پليٽ فارم جوڙيندي آهي، پنهنجو نظريو يا پاليسي پيش ڪندي آهي. مقبول ۽ سچي قيادت هيٺ اسٽيٽسڪو (سياسي جمود) کي دوڏي وجهندي آهي. عام آدمي پارٽي ان جو بهترين مثال آهي. جيتوڻيڪ عمران خان به دعويٰ ڪري ٿو ته هو ڪرپشن خلاف ۽ سماجي انصاف لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، پر هن جي سياست ۾ تمام گهڻا تضاد آهن. هو ڪرپشن جي خاتمي جي ڳالهه ته ڪري ٿو، پر سندس پارٽي ۾ به ڪيترائي اهڙا اڳواڻ آهن، جن جو ماضي داغدار آهي. ٻيو ته عمران خان اقتداري سياست کي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ٿو سمجهي ۽ ان لاءِ عمليت پسندي کان گهڻو اڳتي مفاد پرستي تائين به وڃڻ لاءِ تيار نظر ٿو اچي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ پاران صاف ۽ شفاف سياست واري دعويٰ عملي طور تي نظر نٿي اچي.

سماجي تحريڪن جو آخري مرحلو يقينن ڪاميابي سان نظام جي تبديلي، قانونسازي ۽ ماڻهن جي مستقل ڀلائيءَ ۾ نظر اچي ٿو. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪنهن متبادل سياسي پليٽ فارم جي تمام وڏي گنجائش ۽ ضرورت آهي. پر جيستائين اسان وٽ سياسي پليٽ فارم توڙي صاف شفاف ۽ لائق قيادت سامهون اچي، تيستائين اسان کي سماجي مسئلن جهڙوڪ صاف پاڻي، صحت بخش ماحول، بهتر تعليم، سستي ۽ معياري صحت وارين سهولتن، روڊن رستن ۽ ٻين انساني حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. مون کي يقين آهي ته انهن سماجي تحريڪن مان ئي سگهاري سياسي تحريڪ ۽ تنظيم پيدا ٿيندي. اڄ ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ بيزاري هر اک کي نظر اچي ٿي، سواءِ حڪمرانن جي اک جي-

ان کان پهريان، جو هيءَ ڪاوڙ ۽ بيزاري ڪو منفي رخ، شدت پسندي يا وري نااميدي اختياري، اسان کي اڳتي اچڻ گهرجي. سنڌ ۾ سول سوسائٽيءَ جو جيڪو هڪ تمام وڏو تعداد آهي، جن مان ڪيترائي حڪومت جي مٿان نٿا ڀاڙين ۽ اقتصادي لحاظ کان آزاد آهن، اهي سنڌ جي قسمت تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وڪيل، ميڊيا، اين جي اوز، اڪيڊميا ۽ ساڃاهه وندن کي عام بيزار ٿيل ماڻهوءَ سان ڳنڍجڻ کپي ۽ خراب حڪمرانيءَ خلاف انهن جي ڪاوڙ کي ڪنهن مثبت تبديلي آڻڻ جو رخ ڏيڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

اندر رُوح رهيام، خاڪي جويو کي ڀيٽا – سنڌو جويو

Share this on WhatsAppخاڪي جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس وڏور نياڻي پنهنجا احساس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *