Friday , March 29 2024

خدا کي مڃو ائين نه ڪيو!ڇا هر ڪيس جي سزا لاءِ ڌار ڌار قانون سازي ڪندؤ..؟؟ سينيٽر حاصل بزنجو

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ ۾ ميمبرن زينب قتل ڪيس تي بحث دوران اڪثر سينيٽرز ٻارڙن کي اغوا، قتل ۽ زيادتي جي ڪيسن ۾ سري عام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، مير حاصل بزنجو چيو آهي ته، ڪجهه خدا جو خوف ڪيو؛ ڇا هر ڪيس ۾ سزائن جي تبديلي لاءِ قانون سازي ڪندؤ ڇا؟ سينيٽ جي ميميبرز پاران زيادتي بعد ٻارڙين کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي سرعام موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، پ پ سينيٽر فرحت الله بابر سرعام ڦاهي ڏيڻ واري تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته اِئين آمر ضياءَ الحق جي دور ۾ ٿيندو هو، هِن ايوان مان اهڙو تاثر نه وڃڻ گهرجي. چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻارڙين کي زيادتي بعد وحشياڻي انداز ۾ قتل  ڪندڙ جوابدارن کي سرعام موت جي سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ وارو بل پيش ڪيو جنهن تي پ پ سان ئي تعلق رکندڙ ميمبر فرحت الله بابر ان بل جي مخالفت ڪئي.

فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته اهڙي سزا آمر ضياءَ الحق جي دور ۾ ٻڌائي ويندي هئي، اهڙي سزا سان معاشري ۾ غلط تاثر ويندو. هن چيو ته اهڙن سنگين ڏوهن جي قانون ۾ اڳ ئي موت جي سزا تجويز آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي خواهش آهي ته ڪيس لاءِ جيل جي قانون ۾ تبديلي ڪئي وڃي، آئين ۾ ترميم واري رسم ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. ان موقعي تي مير حاصل بزنجو جو چوڻ هو ته زينب جي قاتل کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، قانون ۾ اهڙي قسم جي ترميم سان معاشري تي ان جا غلط اثر پوندا. مير حاصل بزنجو جو چوڻ هو ته سرعام ڦاهي ڏيڻ واري سزا جي اسان جي معاشري ۾ ڪا به گنجائش نه آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر طاهر حسين مشهدي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ بابت التوا واري رٿ پيش ڪئي. طاهر مشهدي جو چوڻ هو ته حڪومت نئين سال جي شروعات ۾ ئي عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي. ان تي سينيٽ چيئرمين التوا واري رٿ تي ٻن ڪلاڪن لاءِ بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *