Wednesday , April 17 2024

”حيدر منزل ضرورتن جي پورائي کپائي“: جلال محمود شاهه

”حيدر منزل ضرورتن جي پورائي کپائي“: جلال محمود شاهه

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته حيدر منزل ڪجهه ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کپائي آهي، ذاتي ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي، بلڊر کي ڪجهه ماڻهو ڌمڪيون ملي رهيون آهن، سربراهه جلال محمود شاهه پاران وڪرو ٿيڻ بعد ڊاٿل حيدر منزل جي جاءِ تي نئين رهائشي پلازا جو بلڊر سان گڏ افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. جلال محمود شاهه بلڊر عمران جماڻي سان گڏجي ڊاٿل حيدر منزل واري هنڌ ايس يو پي اڳواڻن ۽ بلڊر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، جلال محمود شاهه چيو ته، اسان کي ضرورت هئي ۽ مجبور هئاسين، ان جي ڪري ئي حيدر منزل وڪرو ڪري اُهي ضرورتون پوريون ڪنداسين، حيدر منزل اسان جي خانداني ملڪيت هئي، جيڪا ملڪيت منهنجي حصي جي هئي. ايس يو پي سربراهه چيو ته، حيدر منزل پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشيءَ سان وڪرو ڪئي آهي. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حيدر منزل وڪرو ڪرڻ تي واويل ڇو پئي ڪئي وڃي ۽ اهڙي واوليا ڪندڙ ڪنهن جي ونگار وهي رهيا آهن. ايس يو پي سربراهه چيو ته 85 سالن جي عمارت کپائڻ پويان ضرورتون هيون، ڪرپشن ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪردار وڪرو ڪيو آهي. اُنهي کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجي ملڪيت کپائي آهي. هن چيو ته نئين بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي اسان کي فليٽ ملندو، جتي ايس يو پي جي آفيس کولينداسين. اسان جي پاڙي ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ امتياز شيخ جي وڌڙن جون به تاريخي عمارتون هيون، جِن کي به کپايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *