Thursday , March 28 2024

حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز شريف جا نالا ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارا

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءِچار) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ٻن پٽن جا نالا ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته، نئب پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز ۽ ان جي ڀاءَ سلمان شهباز جا نالا  اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. نيب ترجمان مطابق مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز ۽ سلمان شهباز جي خلاف غير قانوني پل ۽ 56 ڪمپنين  سان مبينا تعلق جي جاچ جاري آهي، جنهن سبب نيب انهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي. نيب ترجمان مطابق ٻنهي ڀائرن جا نالا اي سي ايل  ۾ وجهڻ جي لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب حمزا شهباز جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس  جي به جاچ ڪري رهي آهي ۽ انهن گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ڇڏي آهي،  جڏهن ته نيب آشيانا اقبال هائوسنگ  ڪيس ۾ ان جي والد شهباز شريف  کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *