Friday , April 19 2024

جڏهن ماڻهن بلاول جو اڳ ورتو ۽ خورشيد شاهه کي جوتا ڏيکاريا

جڏهن ماڻهن بلاول جو اڳ ورتو ۽ خورشيد شاهه کي جوتا ڏيکاريا

سکر(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ميرپور ماٿيلو واسي مڇريل ماڻهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين آڏو احتجاج ڪري کيس دڳ مٽائڻ تي مجبور ڪيو، دڳ کولرائڻ لاءِ آيل ماڻهن ايم اين اي سيد خورشيد شاهه کي جوتا ڏيکاري احتجاج ڪيو. تفصيلي رپورٽ مطابق، 11هين ۽ ٻارهين جولاءِ جي وچ واري رات جو ميرپور ماٿيلو ويجهو موٽرسائيڪل سوار امر لال، زال، ڀاڄائي ۽ ٻن ٻارڙن سميت مسو واهه ۾  ڪري  پيو هو، جيڪي ان رات جو ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهيا هئا.

ٻڏي ويلن جي وارثن ۽ علائقي  واسين پاران انتظاميا کان ٻڏي ويل هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين جي ڳولا ۾ مدد جو چيو ويو پر سندن مدد لاءِ ڪير به نه پهتو هو. ان دوران اين اي 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ لايڪشن مهم تي نڪتل پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سيد خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ اميدوار سردار محمد بخش مهر جو قافلو به ان ئي رستي گذري رهيو هو ته متاثرن جي وارثن ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري رستي تي ڌرڻو هنيو. احتجاج سبب پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دڳ مٽائي ٻئي پاسي کان گذري ويو پر ماڻهن ايم اين اي سيد خورشيد شاهه کي روڪي ورتو. احتجاج ڪندڙن ايم اين اي سيد خورشيدد شاهه آڏو به ڪيترو ئي وقت قحتجاج ڪيو ۽ کيس جوتا، چپل ۽ سينڊل ڏيکاريندا رهيا. اهڙي صورتحال ڪجهه وقت تائين جاري رهي، جنهن کانپوءِ سيد خورشيد شاهه ماڻهن جي ڪاوڙ ڏسي اتان کسڪي وڃڻ ۾ ئي عافيت سمجهي ۽ واپسي روانو ٿي ويو. ان احتجاج دوران احتجاج ڪندڙن وڌيڪ ڪو به هُل هنگامو نه ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *