Friday , March 29 2024

جي ڊي اي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

وفاقي حڪومت سان اتحاد ٿيل آهي نڪاح ناهي ٿيل، اتحاد ختم به ٿي سگهي ٿو: جي ڊي اي اڳواڻ عرفان مروت

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي اتحادي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پي ٽي آءِ سرڪار کان ڌار ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ اسيمبلي ۾ جِي ڊي اي جي ميمبر نصرت سحر عباسي، سردار رحيم، ننند ڪمار گوڪلاڻي ۽ عرفان الله مروت پريس جي ڊي اي اڳواڻ سردار رحيم، نند لال گوڪلاڻي ۽ عرفان الله مروت چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن، ان موقعي تي ڳالهائيندي جي ڊي اڳواڻ عرفان الله مروت چيو ته، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪارعوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو پاڻ ۾ جهيڙا ڪرڻ ۾ پورا آهن، جي ڊي اي حڪومت جي اتحادي ضرور آھي، پر نڪاح ناهي ٿيل، اتحاد ختم به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته واڌو بلن ۽ لوڊشيڊنگ جي آزار عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو آھي، ماڪڙ واري معاملي تي به حڪومتون ڌيان نه پيون ڏين. عرفان مروت چيو ته عوام اَٽَي جي قيمتن ۽ پئٽرول جي قيمتن تي به پريشان آھي، جيڪا شي سستي ٿئي ته اها اڻلڀ ٿي وڃي ٿي مهانگي ٿيڻ بعد آساني سان ملي ٿي. هن چيو ته حڪمران نااهل ۽ ڪميشن خور آھن، حڪمرانن کي هوش نه آيو ته عوام روڊن تي ايندو، جي ڊي اي عوام سان گڏ بيهندي. عرفان الله مروت چيو ته سنڌ حڪومت جون جي آء ٽي رپورٽون ڪوڙيون آھن.

پريس ڪانفرس ڪندي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي جي تڪ ۾ عورت جو قتل ٿيو، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. هن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي جيڪڏھن اسيمبلي ۾ رڳو شاعري ئي ٻڌائڻي آھي ته کيس سي ايم جو عهدو رکڻ جو حق ناهي. نصرت سحر عباسي چيو ته وڏو وزير چوي ٿو ته گهرن ۾ رهو، پر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي ناهي هوندي. هن چيو ته بلاول کي چيلينج آھي ته پهرين مرحلي ۾ وڏي وزير جي تڪ جا اسپتال دنيا آڏو آڻينداسين، ٻئي مرحلي ۾ صحت واري وزير جي تڪ ۾ وينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *