Thursday , March 28 2024

جوابدار بااثر آهن ڪيس لوڙهڻ ۽ مک جوابدارن کي آجو ڪرڻ جو خدشو آهي:صدا حسين چانڊيو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) مقتول ڪرم الله چانڊيو جي پوٽي ۽ چانڊيا برادري جي تمندار صدا چانڊيو سنڌ سماءَ چار سان ڳالهائيندي  چيو ته، پوليس جي جاچ انتهائي سست رفتاري سان هلي رهي آهي، جنهن مان شڪ وڌي وڃن ٿا. بااثر جوابدار سردار چانڊيو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ڪيس لوڙهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، جنهن بابت جاچ پوليس کي به پنهنجي اُلڪي بابت ٻڌايو آهي. صدا چانڊيو چيو ته، ڪيس جي جاچ ۾ اهم ذريعو جوابدار سردار چانڊيو جون موبائل فونز اهم مددگار ثابت ٿينديون، جن کي جاچ پوليس تحويل ۾ وٺي. اسان جاچ آفيسر ايس ايس پي حيدر آباد کي پهرين ڏينهن کان اها ڳالهه چوندا پيا اچون ته سردار چانڊيو جون موبائل فونز تحويل ۾ ورتيون وڃن، جن تان سندس رابطا ٿيندا رهيا آهن.

هن چيو ته علائقي ۾ هن وقت به انتهائي خوف وارو ماحول آهي. جوابدار ڌر جا ماڻهو هٿيارن ساڻ ڪري علائقي ۽ زرعي زمينن تي گهمي رهيا آهن. جنهن سان علائقي جا عام ماڻهو به خوف ۾ ورتل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدا چانڊيو سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، وسيع نظر ۾ ڏٺو وڃي ته هي معاملو وڏيرڪي ۽ عوام دوست سوچ جو تڪرار آهي، ڪرم الله چانڊيو سرداري ۽ وڏيرڪي نظام سان بغاوت ڪري عام ماڻهن جي ڳالهه ڪئي ۽ انهن کي سردارن جي غلامي مان آجو ٿيڻ جو درس ڏنو، جنهن جي کيس ۽ خاندان کي سزا ڏني وئي آهي؛ پر اسان ڪڏهن به ظلم جي آڏو خاموش نه ويهنداسين. سنڌ جو هر پڙهيل لکيل ۽ سرداري نظام کان باغي عام ماڻهو اسان سان گڏ آهي. مخلتف شهرن ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن ۽ اسان انهن سمرون ماڻهن جا ٿورائتا آهيون ۽ کين پڪ ڏياريون ٿا ته سرداري نظام خلاف سندن جدوجهد جاري رهندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *