Thursday , April 25 2024

جهاز حادثي جي جاچ شروع، بليڪ باڪس فرانس اماڻڻ جو فيصلو، لاش اسلام آباد منتقل، 9 مڙهه وارثن حوالي

سول ايوي ايشن اٿارٽي جهاز حادثي جي جاچ شروعڪري ڇڏي، ايئر ڪموڊور منير بٽ جي سربراهي ۾جوڙيل ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪريشاهديون گڏ ڪيون، جهاز جو بليڪ باڪس جاچ ٽيم حوالي ڪيو ويو. ڊائريڪٽر جنرل سول ايويايشين جي هدايت تي پي آءِ اي جهاز حادثي جي جاچلاءِ جوڙيل ڪميٽي ايئر ڪموڊور منير بٽ جياڳواڻي ۾ حويليان ويجهو واقعي واري هنڌ پهتي.

.جاچ ڪميٽي واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ۽ تباهه ٿيل جهاز جي ملبي جو معائنو ڪيو.انتظامياحادثي جو شڪار ٿيل جهاز جو بليڪ باڪس جاچ ٽيم جي سربراهه ايئر ڪموڊور منير بٽ حوالي ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب بليڪ باڪس وڌيڪ جاچ لاءِ فرانس موڪليو ويندو. پي آءِ اي پاران جوڙيل ٽيم بهواقعي واري هنڌ پهچي جهاز جي ملبي جو معائنو ڪيو. حادثي جو شڪار ٿيل جهاز جي فلائيٽ ڊيٽا موجبجهاز 14 هزار فوٽن جي بلندي تي اڏامي رهيو هو، جهاز 4 لڳي 12 منٽن تي پائليٽ جي ڪنٽرول مان نڪري ويو.فلائيٽ ڊيٽا موجب فني خرابي سبب جهاز تيزي سان هيٺ اچڻ لڳو، 7 هزار فوٽن جي اوچائيتي پائليٽ ڪجهه گهڙين لاءِ جهاز تي ضابطو آڻي ورتو، پر ٽن منٽن بعد جهاز 7 هزار فوٽن جي اوچائي تان هيٺ ڪِري تباهه ٿي ويو. چترال کان اسلام آباد ايندي ڪِري تباهه ٿيل پي آءِ اي جهاز ۾ سوار ناليواري نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس زال ناهيه سميت سمورن مسافرن جا لاش ايبٽ آباد کان اسلام آباد منتقل ڪيا ويا، لاشن جا سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا پمز ۽ سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ ورتا ويندا، ايبٽ آباد ۾ صرف 8 ڄڻن جي ئي سڃاڻپ ٿي سگهي. پي آءِ اي جو جهاز پي ڪي 661 گذريل ڏينهن شام جو چترال کان اسلام آباد اچي رهيو هو ته منزل تي پهچڻ کان اڳ حويليان ڀرسان جابلو علائقي ۾ ڪِري مڪمل طور تباهه ٿي ويو، جنهن سبب عملي سميت 47 ئي مسافر شهيد ٿي ويا، ايبٽ آباد جي ايوب ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ ناليواري نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس زال ناهيه سميت 47 مسافرن جي لاشن جو معائنو مڪمل ڪيو ويو، ايئر هوسٽس عاصمه عادل سميت 8 لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي، جنيد جمشيد سميت ٻين جي لاشن جيسڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. فوتين جا لاش پاڪ فوج جي ٽن هيليڪاپٽرن ذريعي ايوب ميڊيڪل ڪامپليڪس ايبٽ آباد کان اسلام آباد منتقل ڪيا ويا، پمز اسلام آباد ۽ سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا ورتا ويندا، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا. فوتين جي وارثن کي پمز اسپتال ۾ ڊي ايناي جا جزا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنيد جمشيد جي ڀاءُ همايون جا به جزا ورتا ويا. هوڏانهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو آهي ته جهاز حادثي ۾ فوت ٿيلن جي ڊي اين ايٽيسٽ ۾ 6 کان 88 ڏينهن لڳي سگهن ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته متاثرنجي ڏک ۾ هو برابر جا شريڪ آهن. سندس چوڻ هو ته 400 مڙهه اهڙا آهن، جيڪي سڃاڻپ جهڙا ناهن رهيا، جنيد جمشيد جي مڙهه جي به سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. طارق فضل چوڌري چيو ته جنيد جمشيد جيسڃاڻپ لاءِ سندس ڀاءُ همايون جمشيد جي رت جا جزا ورتا ويا آهن

About Ahmedbilal

Check Also

ماسڪو: ماريا شرا پووا 26 اپريل کان وري انٽر نيشنل ڪيريئر شروع ڪري

ماسڪو: روس جي گولڊن گرل ماريا شرا پووا دوبنگ پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ هلندڙ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *