Friday , March 29 2024

جنگ گروپ غلط خبرون ڇاپي رهيو آهي، شڪيل الرحمان ۽ رپورٽر سميت ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

Jang-and-The-News

اسلام آباد: غلط ۽ بيبنياد خبرون ڇاپڻ ۽ ججز کي فون ڪرڻ تگي جنگ گروپ غلط خبرون ڇاپي رهيو آهي، شڪيل الرحمان ۽ رپورٽر سميت ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته مسلسل حقيقت کان ابتڙ خبرون ڇاپيون پيون وڃن.

دي نيوز سميت جنگ گروپ جي ٻين اخبارن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ بابت ڇپيل خبرن جو سپريم ڪورٽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نوٽيس وٺي ورتو آهي، عدالت جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان ۽ رپورٽر احمد دراني سميت ٻين سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جنگ گروپ جي هڪ رپورٽر احمد نوراني پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ وڌيڪ جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي ٻن مهينن دوران ڪيل جاچ بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي خبر اخبار ۾ ڇاپي ڇڏي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم کي گرين سگنل ڏيڻ ۽ رپورٽ ميان نواز شريف جي حق ۾ اچڻ جا تفصيل ڏنا ويا.

عدالت مامري جي ٻڌڻي ڪندي جسٽس اعجاز افضل چيو ته، جنگ گروپ ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني رپورٽنگ ڪري ۽ اُهي ڇاپي رهيو آهي. جنگ گروپ جون اخبارون لڳاتار غلط رپورٽنگ ڪري رهيون آهن. جنگ اخبار جي رپورٽر کي عدالت جي روسٽرم تي گهرائي پڇاڻو ڪيو ويو. جسٽس اعجازالحسن رپورٽر کان سوال ڪيو ته، عدالت حڪم ۽ هدايتون هڪڙيون ڏئي ٿي ۽ اوهان ڇاپيو ٻيو ڪجهه ٿا ائين ڇو؟ سپريم ڪورٽ آءِ ايس آءِ کي انتظام ڪڏهن حوالي ڪيا؟

عدالت چيو ته، اها به نوبت ايندي ته ججز کي صحافي فون ڪندا ۽ فيصلن يا هلندڙ ڪيسز بابت سوال ڪندا؟ اها ته حد ٿي وئي، اهڙُ عمل ته کليل توهين عدالت آهي. جسٽس شيخ عظمت جنهن اسٽوري ڇاپي اهو خاموش ويٺو آهي، جنگ گروپ عدالتي حڪمن کي مڪمل غلط رپورٽ ڪيو. جسٽس عظمت شيخ چيو ته، رپورٽر جنهن جج کي فون ڪري فيصلي بابت پڇيو ته ان جج فون ڪندڙ رپورٽر کي چيو ويو ته ججز عدالت ۾ ڳالهائندا آهن.

ڪارروائي دوران عدالت جنگ گروپ جي ايڊيٽر، پبلشر، چيف ايدڊيٽر ۽ رپورٽر کي شو ڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته ڇونه هاڻي اوهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *