Friday , March 29 2024

جعلي بئنڪ اڪائونٽس جو ڄار: حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ڦاسي پئي

جعلي بئنڪ اڪائونٽس جو ڄار: حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ڦاسي پئي

وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل لاءِ پريشانيون شروع

 

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري ڄار ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف به ڦاسي پئي آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، پي ٽي آءِ جا سڄي ملڪ ۾ 18 اهڙا بئنڪ اڪائونٽس آهن جن کي ڳجهي طريقي سان هلايو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي بئنڪس / شيڊيولڊ بئنڪس کان حاصل ڪيل رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته، پي ٽي آءِ جا سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جي شيڊيولڊ بئنڪس جي برانچز ۾ 26 مختلف اڪائونٽس هلايا پيا وڃن.

اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، پي ٽي آءِ آپريٽ ته 26 اڪائونٽ ڪري ٿي پر اليڪشن ڪميشن وٽ صرف 8 اڪائونٽس جا تفصيل جمع ڪرايا ويا.  رپورٽ  ۾ چيو ويو آهي ته، قانون مطابق  پي ٽي آءِ جا 18 اڪائونٽس جعلي يا غيرقانوني اڪائونٽس جي دائري ۾ اچن ٿا. انهن اڪائونٽس جي آڊٽ رپورٽ به اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي.  اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ منظر تي اچڻ کانپوءِ اهو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته، پي ٽي آءِ جي انهن غير قانوني بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ٿيندڙ ڏيتي ليتي جي مني ٽريل وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيدا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته اهي ٻئي ڄڻا انهن بئنڪ اڪائونٽس کي هلائڻ لاءِ اُهي ڏيتي ليتي لاءِ چيڪس تي مک صحيح ڪندڙ يا ڪائونٽر صحيح ڪندڙ به آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *