Friday , April 19 2024

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيل ريفرنس قانون ۽ آئين خلاف قرار

صدر مملڪت ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پاران، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيل صدارتي ريفرنس کي مڪممل طور تي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته ريفرنس داخل ڪرڻ واري معاملي ۾ صدر مملڪت به پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ججز جو احتساب به جمهوري معاشري لاءِ انتهائي ضروري آهي، سپريم ڪورٽ پاران تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي، جسٽس، مقبول باقر، جسٽس منظور احمد ملڪ ۽ جسٽس فيصل عرب سميت 10 ججز تي ٻڌل بينچ فيصلي جي ٻڌڻي ڪئي، لکت وارو فيصلو بيئنچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال لکيو، جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي ۾ پنهنجو ڌار نوٽ به لکيو جيڪو فيصلي ۾ شامل آهي. 224 کان وڌيڪ صفحن تي لکت ۾ فيصلو جسٽس عمر عطا بنديا جاري ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف اثاثن بابت صدارتي ريفرنس بابت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيل ريفرنس منظور ڪرڻ ۾ صدر مملڪت پنهنجا اختيار درست نموني استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ صوابديدي اختيار به صحيح استعمال نه ڪيا. قرآن پاڪ جي سوره نساءَ جي مختلف آيتن سان شروع ڪيل سپريم ڪورٽ جي لکت واري فيصلي موجب، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيل ريفرنس به مڪمل طور تي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، آزاد، خودمختيار، غيرجانبدار عدليه ڪنهن به جمهوري ۽ مهذب معاشري جي قدرن ۾ شامل هجي ٿي. فيصلي ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجا پنهنجا ڌار ڌار نوٽ به لکيا آهن.

سپريم ڪورٽ جي 10 ججز تي ٻڌل فل ڪورٽ بينچ جي 10 ججز مختصر فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري جي ٽيڪسز جا معامل فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، 2019 ۾ داخل ڪيل ريفرنس نمبر هڪ کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ 17آگسٽ تي درخواستگذار کي عدالت جاري ڪيل نوٽيسز به واپس وٺي رهي آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، ايف بي آر فيصلي جي 7ڏينهن اندر ايف بي آر انلينڊ روينيو جو ڪمشنر پاڻ لاڳاپيل نوٽيسز قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري ۽ اولاد کي پاڻ نوٽيسز جاري ڪري انهن کان سندن خريد ڪيل ملڪيتن ۽ آمدني جي ذريعن بابت تفصيل پڇي. جيڪڏهن ڪوم به رڪارڊ ملڪ کان ٻاهر موجود آهي ته لاڳاپيل ماڻهو اهو رڪارڊ مهيا ڪرڻ جا ذميوار هوندا، ايف بي آر ڪنهن به صورت ۾ معاملي کي اينگهائڻ جي ڪوشش نه ڪري.

ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان رابطن ۾ هئڻ جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *