Friday , April 19 2024

تحريڪ انصاف جي پيڙهيل عوام لاءِ ٽئين تبديلي؛مِني بجيٽ پِيش ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي حڪومت زندگي بچائڻ وارين دوائن سميت ٻيون دوائون، تيل،گئس ۽ ايل پي جي مهانگي ڪرڻ کانپوءِ مِني بجيٽ پيش ڪري عوام تي وڌيڪ مهانگائي جو ٻوجهه وجهڻ جي مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ واپارين جي هڪ تقريب دوران پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته، 23هين جنوري تي مِني بجيٽ پيش ڪئي ويندي. اسد عمر چيو ته، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سيچوري ريگيوليٽري آرڊرز (ايس آر او) وارو اختيار ختم ڪري ڇڏيو آهي، سڀني کي خبر آهي ته ماضي جي حڪومتن ايس آر او تحت قلم جي طاقت سان ڇا ڇا نه ڪيو ويندو رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته، مِني بجيٽ ۾ ٽيڪسز ۾ تبديلي ايس آر او تحت نه پر هاڻي ٽيڪسز جي تبديلي پارليامينٽ جي ذريعي ٿيندي. هن چيو ته ايڪويهين صدي ۾ معيشت کي خانگي شعبو هلائي ٿو،انڪري اسان کي به پنهنجون اوليتون تبديل ڪري نئين دور جي اصولن سان گڏ هلڻو پوندو، جنهن کانسواءِ معاشي بهتري ممڪن نه آهي. اسان اهڙيون پاليسيون ۽ ماحول جوڙڻ چاهيون ٿا، جنهن سان واپاري، سيڙپڪار ۽ صنعتڪار ڪاروبار وڌائڻ ۾ پنهنجو تحفظ سمجهن، اڄڪلهه صورتحال اهڙي آهي جو صنعتڪار توڙي سيڙپڪار ڪيترا به ايماندار ۽ محب وطن ڇو نه هجن پر اُهي سيڙپڪاري ڪرڻ کان يا ته لنوائي رهيا آهن يا وري انتهائي محدود حد اندر سيڙپ ڪن ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته، پاڪستان ۾ مقامي سطح تي بچت ۽ سيڙپڪاري انتهائي گهٽ سطح تي اچي وئي آهي ۽ اهو ئي مک ڪارڻ آهي جو مني بجيٽ ۾ کپت کي گهٽائڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ڪوشش هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *