Thursday , April 18 2024

تبديلي پسند ڀوتارن جو سڄي سنڌ ۾ مقابلو ڪندا: علي قاضي

حيدرآباد ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر تائين سموري سنڌ تبديلي چاهي ٿي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ تبديلي پسندن جو ڀوتارن سان ئي مقابلو ٿيندو. سنڌ جا ماڻهو سدائين ڀوتارن کي ووٽ ڏيندا رهيا آهن، پر هيل اهي تبديلي پسند اميدوارن کي ووٽ ڏئي ملهه کٽي وٺندا.حيدرآباد ويجهو هوسڙي ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته سنڌ واسين هر چونڊ ۾ ڀوتارن کي ووٽ ڏنا آهن، جنهن سبب سنڌ جا ڏک ۽ سور گهٽجڻ بدران انهن ۾ روز اضافو ٿيندو رهي ٿو. پر هيل سموري سنڌ تبديلي چاهي ٿي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ تبديلي پسندن جو ڀوتارن سان ئي مقابلو ٿيندو. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل سٺي حڪمراني ۾ لڪل آهي. پر هتي جـَمهـُور جي رِيت بدران ڀوتارڪـِي رِيت هلي ٿي. حڪومت اگر چاهي ته اڄ به بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر مهيا ٿي سگهن ٿا، صحت، تعليم ۽ پيئڻ واري پاڻيءَ جون سهولتون مهيسر ٿي سگهن ٿيون. پوليس جو نظام ٺيڪ ٿي سگهي ٿو پر سرڪار ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجا محل جوڙائڻ ۾ پوري آهي.

علي قاضي چيو ته حڪومت عوام ٺاهي ٿو ۽ ووٽ ڏيڻ مهل ماڻهن کي خبرداري جو مظاهرو ڪري اهڙا اميدوار چونڊڻ گهرجن، جيڪي سندن بنيادي مسئلا حل ڪري سگهن. هن چيو ته اڳ ۾ جيئي جيئي، زبان ۽ برادري جي زبان تي سياست ٿيندي رهي آهي. پر هاڻي سنڌ لاءِ سياست ٿيندي.علي قاضي چيو ته سنڌ جا ماڻهو هوسڙي کان گهوٽڪي تائين تبديلي جي خيال سان جـُڙِي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ واسين جو تبديلي واري نعري جو پڙاڏو هر هنڌ گونجي رهيو آهي. سنڌ واسي پنهنجي نسلن جي مستقبل لاءِ ووٽ ڏين. هن ڀيري سنڌ واسين کي 420 ڀوتارن مان جان ڇڏائڻي پوندي.

علي قاضي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنس تي وڃي قطار ۾ بيهي تبديلي لاءِ ۽ سنڌ لاءِ ووٽ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ واسي اليڪشن واري ڏينهن تبديلي ۽ بهتر مستقبل لاءِ پولنگ اسٽيشنس تي وڃي تبديلي پسند اميدوارن کي ووٽ ڏين. علي قاضي چيو ته سوال هڪ تڪ جو نه آهي، پر سموري سنڌ جا مسئلا هڪ جهڙا آهن. تنهن ڪري هر تڪ تي تبديلي پسند اميدوار سامهون ايندا ۽ ماڻهو اها خاطري ڪرائين ته هو کين ئي ووٽ ڏيندا. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ سنڌ اهڙي نه رهندي جهڙي اڄ آهي.علي قاضي چيو ته اهڙي اليڪشن جي نتيجي ۾ سنڌ ماءُ جي هنج جهڙي ٿي پوندي ۽ 6 مهينن کانپوءِ سنڌ ۾ تبديلي اَوَس اچڻي آهي. ان موقعي تي مقصود وساڻ، عبدالستار سرڪي، محبوب مري، شمس شورو، عمران عرف گڊو عباسي، عبدالحسين پنهور، ويرو ڪولهڻ ۽ شيام لال  به خطاب ڪيو. ميڙاڪي دوران مختلف شخصيتن تبديلي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان به ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *