Tuesday , September 22 2020
uren
Breaking News

تاريخ جي ٽٽل آئيني ۾، جپسي راٺوڙ جواگهامڻ جهڙو پورهيو- يوسف سيف

تاريخ جي ٽٽل آئيني ۾، جپسي راٺوڙ جواگهامڻ جهڙو پورهيو- يوسف سيف

هن ڪتاب جو نالو آهي، ”تاريخ جي ٽُٽل آئيني ۾“؛ اهو سنڌ ۾ رهندڙ سورهاڙ ۽ واڳهڙ پرڳڻن جي گجراتي ميگهوارن يا ميگهواڙن بابت لکيل آهي.هي ڪتاب 2016 ۾ شايع ٿيو آهي. هن جو ليکڪ ،جپسي فقير چند (ايف سي) راٺوڙ آهي. ٻه ٽي سال اڳ مونکي معصوم ٿري هي ڪتاب ڏئي ان تي ڪجهه ٽيڪا ٽپڻي جو به حڪم ڪيو هو، معصوم ٿري به ٿر جي پاسي جو لکيل پڙهيل نوجوان آهي. جڏهن اسين مليا هئاسين تڏهن هو نوجوان هو. جنهن تي تڙ تڪڙ ۾ ڪو تبصرو رهڙي وٺڻ جي بجاءِ ان بابت خود معصوم ٿري جو لکيل مهاڳ ئي هڪ ميگزين ۾ ڇاپيوهوسين.

معصوم ٿري ان مهاڳ ۾ ميگهه ونس جي تاريخ تي خاصو لکيو آهي. جنهن ۾ هن ميگهوارن بابت سائنسي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي به صلاح ڏني آهي. گڏوگڏ ان ڪتاب بابت فقير نيڪ محمد نهڙئي جو به تجزيو يا تبصرو شامل ڪيل آهي. جنهن ان ڪتابڙي کي علم الانسان يا اينٿرو پالاجي جي موضوع تي راٺوڙ صاحب جي ڪوشش کي واکاڻيو آهي. جنهن پنهنجي مضمون جي پڄاڻي تي ، پنهنجو تعارف اجهو هيئن ڪراي اٿس،دعاگو فقير نيڪ محمد نهڙي، جنم رامسر هند. حال گوگاسر سنڌ..سندس ليک ٻين لکڻين جيان نشا ڏئي ڇڏيندڙ آهي.

ان بعد انجينئر نٿومل پرمار ،تنهنکانپوءِ انجنيئر گيتا واڌاڻي ، اصغر کوسو ۽ ٻين جا به ڪتاب بابت ويچار رايا خيال فڪر شامل آهن. پنهنجي پاران واري حصي ۾ جپسي ايف سي راٺوڙ به ڪتاب جي مواد ، ڪتاب جي لا سندس تحرڪ توڙي اتساه تي مختصر پر جامع نوٽ تحرير ڪيو آهي.

ليکڪ هن ڪتاب ۾ تاريخ ۾ سڌريل لوڪ جي نالي سان هن ديس م آيل آرائين.آرين .آريا وغيره جي هٿان مقامي ماڻهن کي طبقن ، حصن يا پرتن ۾ ورهائڻ ۽ انهن کان نفرت ڪرڻ کين نيچ ڏيکارڻ واري انتهائي وڏي تاريخي زيادتي جو ذڪر ڪري ٿو . جنهن ۾ هن لکيو آهي ته جيڪا به دنيا ۾ انسان ذات جي تذليل ٿي آهي.ان جا استاد هن علائقي جا برهمڻ ئي آهن. هو ان عمل ۾ هڪ وڏو ۽خطرناڪ عمل ..منو سمرتي..کي قرار ڏئي ٿو. ليکڪ موجب ته سنسڪرت ۾ جيڪي منتر آهن سي نه رڳو ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿا اچن بلڪه اهي منتر صرف اسان لوڪن جي آزاديءَ تي وار ڪرڻ لاءِ جوڙيل آهن. هو اتي اسان جي عظيم شاعر ڪبير ڀڳت جي اها ڳالهه به دهرائي ٿو جيڪو بنارس کي الوداع ڪري ويو هو . ڪبير اهو چيو هو ته ..مون کي سرڳ ۾ناهي وڃڻو..هڪڙو ڌرمي خيال آهي ته سڀني کان وڌيڪ بنارس وارا سرڳ م ويندا.

مون هي ڪتاب يڪسوئي سان پڙهيو آهي جنهن ۾ شروع ۾، قديم تهذيب ڍول وير ا تي هڪ بهترين مضمون آهي، ان جي کوٽائي 1990 ۾ ٿي آهي. اهي آثار گجرات رياست جي ڪڇ ضلعي مان مليا آهن. ان تهذيب کي به سنڌو ماٿري جي همعصر قرار ڏنو ويو آهي.(ڍول ويرا وارو اهو مضمون لالواڻي ڄيٺيو جو لکيل آهي، جيڪو 30 مارچ تي2014 ڪاوش ۾ شايع ٿيو هو)

هن ڪتاب ۾ ميگهوڙان يا ميگهوارن جي تاريخ کي کوٽڻ. هنن جي اٿڻ ويهڻ ، هنن جي علائقن، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، هنن جي ڏکن سورن، ڪِرت فن، ڪمن ڪارين تي روشني وڌل آهي. ڪتاب هڪ ڪيس اسٽڊي يا وري ڪنهن پي ايڇ ڊي واري ترتيب جيان مواد واري سهيڙڻ جي طريقي تحت لکيل آهي.جنهن ۾ هنن جي ٻولي يا زبان ۽ ان تي جتي اهي رهن ٿا ان علائقي جي ٻولي جي اثرن تي به جامع مفصل راءِ ڏني وئي آهي. اسان جي پٽ ۾ رهندڙ ميگهواڙن جي ٻولي کي مقامي ماڻهو ميگهواڙن جي ٻولي چون ٿا جيڪا گجراتي جي بگڙيل صورت آهي.

ڪڇ ۽ واڳهڙ سان تعلق رکندڙن جو لهجو اڃا به مختلف آهي.

ليکڪ ميگهه ونسي لوڪن جي پاڙن،نکن توڙي سندن علائقن جي نسبت سان هنن جي رواجن رسمن ۾ فرق ۽ ڦيري کي به پنهنجي تحرير ۾ سهيڙيو آهي. مون کي هن ڪتابڙي ۾ پروف جون لاتعداد غلطيون نظرآيون آهن، جنهن هن هيڏي ساري محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. صفا بيرحمي سان راءِ ڏبي ته اها بيهندي ته علم الانسان تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هن جپسي راٺور ڪافي ڪچو مواد ڪٺو ڪيو آهي جنهن مان هو سڀاڻي لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

About Asghar Azad

Check Also

اندر رُوح رهيام، خاڪي جويو کي ڀيٽا – سنڌو جويو

Share this on WhatsAppخاڪي جويي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس وڏور نياڻي پنهنجا احساس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *