Wednesday , April 24 2024

بي نامي اڪائونٽس اڪائونٽ هولڊرز کان ٽئڪس وصولي ٿيندي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽثرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بي نامي بئنڪ اڪائونٽس ۾ رکيل رقمن کي ضبط ڪرڻ يا وري انهن اڪائونٽ هولڊرز کي سوگهو ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪري ورتي آهي، ايف بي آر کي اهڙن اڪائونٽ هولڊرز کي ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت بي نامي اڪائونٽس ايڪٽ 2019 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. نئين ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ايف بي آر کي بي نامي اڪائونٽس مان رقم ضبط ڪرڻ جو اختيار ملي ويو آهي، ايف بي آر انهن اڪائونٽس تي ٽيڪس حاصل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي، جيڪڏهن اهڙن اڪائونٽس ۾ رکيل رقم تي ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو ته پوءِ اها رقم حڪومت ضبط ڪري ڇڏيندي جيڪا سرڪاري خاني ۾ جمع ٿي ويندي. ايڪٽ لاڳو ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، بي نامي اڪائونٽس معاملي جي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونلز به قائم ڪيا ويا آهن، 20 کان 50 لک رپين جي اڪائونٽس جي ڄاڻ ڏيندڙ کي 4 سيڪڙو رقم ڏني ويندي. واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان 2 هفتا اڳ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *