Tuesday , April 23 2024

بيروت ۾ 2 زوردار ڌماڪا، 30 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، اڍائي هزارن کان وڌيڪ زخمي

بيروت ۾ ڌماڪا اهڙي وقت ٿيا آهن، جڏهن ايندڙ جمعي تي رفيق الحريري جي قتل جو فيصلو ٻڌايو ويندو

بيروت(مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌ سماچار) لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ ٻه انتهائي زوردار ڌماڪن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا، اڍائي هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽجي پيا، عالمي خابرو ادارن جي رپورٽس مطابق ڌماڪا ايترا زوردار هئان جو ڪيترن ئي ڪلوميٽرز تائين عمارتن ۽  رستن تي هلندڙ توڙي بيٺل گاڏين جا به شيشا چڪناچور ٿي ويا، ڌماڪن جا آواز به ڏورانهن علائقن تائين ٻڌيا ويا. عالمي خابرو ادارن اسڪاءِ نيوز، فوڪس نيوز، بي بي سي ۽ الجيره سميت مختلف خابرو ايجنسين جي رپورٽس موجب لبنان جي گادي واري شهر جي بندرگاهه واري علائقي ۾ اوچتو هڪ ٻئي پٺيان 2 ڌماڪا ٿيا، جنهن نتيجي ۾ بندرگاهه تي موجود ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون، آخري اطلاعن تائين 30 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ اڍائي هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽجي پيا آهن، بيروت شهر جي مختلف رهائشي توڙي ڪمرشل علائقن ۾ عمارتن جا شيشا ڀڄڻ ۽ گاڏين کي نقصان جي نتيجي ۾ به ڪيترائي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن. عالمي ميڊيا موجب ڌماڪن کان اڳ ڌماڪن وارن هنڌن تان ڪارو دونهون نڪتو، جنهن بعد زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ڪجهه سيڪنڊن اندر هڪ ٻيو ڌماڪو ٿيو جيڪو پهرين ڌماڪي کان وڌيڪ زوردار هو.

بيروت ۾ ڌماڪن کانپوءِ جو ڏيک (فوٽو اي ايف پي)

هلال احمر لبنان جي رپورٽ مطابق بيروت توڙي ڀرپاسسي وارين سرڪاري تووڙي نجي اسپتالن ۾ وڏي انگ ۾ فوتين جا لاش ۽ زخمين جو وڏو تعداد آندو ويو آهي، جيڪو سلسلو جاري آهي، بيروت شهر جي ڪيترين ئي عمارتن کي به نقصان پهتو آهي، روڊن رستن تي موججود گاڏين جا شيشا ٽٽڻ سان گڏ گاڏيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ به ماڻهن جي مرڻ ۽ زخمي ٿيڻ وارون جو وڏو تعداد شامل آهي. رپورٽس مطابق زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

بيروت ۾ ڌماڪن کانپوءِ جو ڏيک (فوٽو اي ايف پي)

بيروت ۾ ڌماڪو ان اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن ملڪ جي اڳوڻي صدر رفيق الحريري جي قتل جو فيصلو ٻڌائڻ جو وقت اچي وئي آهي، جيڪو گڏيل قومن جي خصوصي ٽربيونل پاران رفيق الحريري جي قتل جو فيصلو ايندڙ جمعي ڏينهن ٻڌايو ويندو، رفيق حريري کي پندرنهن سال اڳ 2005 ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *