Thursday , March 28 2024

بيروت ڌماڪا؛ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار، 4300 کان وڌيڪ زخمي

بيروت ۾ ٿيل ڌماڪن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن مان اڪثر جي حالت انتهائي خراب آهي، فوتگين ۾ اضافي جو امڪان

بيروت(مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌ سماچار) لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ ٻه انتهائي زوردار ڌماڪن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا، 4300 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽجي پيا، عالمي خابرو ادارن جي رپورٽس مطابق ڌماڪا ايترا زوردار هئان جو ڪيترن ئي ڪلوميٽرز تائين عمارتن ۽  رستن تي هلندڙ توڙي بيٺل گاڏين جا به شيشا چڪناچور ٿي ويا، ڌماڪن جا آواز به ڏورانهن علائقن تائين ٻڌيا ويا. عالمي خابرو ادارن اي ايف پي، بي بي سي، اسڪاءِ نيوز، الجيره سميت مختلف خابرو ايجنسين جي رپورٽس موجب لبنان جي گادي واري شهر جي بندرگاهه واري علائقي ۾ اوچتو هڪ ٻئي پٺيان ٿيل ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ بندرگاهه تي موجود ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون.

آخري اطلاعن تائين هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. ڌماڪن جي نتيجي ۾ چار هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽجي پيا آهن، جن مان وڏي تعداد ۾ زخمي ٿيلن جي حالت انتهائي خراب آهي. عالمي ميڊيا موجب ڌماڪن کان اڳ ڌماڪن وارن هنڌن تان ڪارو دونهون نڪتو، جنهن بعد زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ ڪجهه سيڪنڊن اندر هڪ ٻيو ڌماڪو ٿيو جيڪو پهرين ڌماڪي کان وڌيڪ زوردار هو.

هلال احمر لبنان جي رپورٽ مطابق بيروت توڙي ڀرپاسي وارين سرڪاري تووڙي نجي اسپتالن ۾ وڏي انگ ۾ فوتين جا لاش ۽ زخمين جو وڏو تعداد آندو ويو آهي، جيڪو سلسلو جاري آهي، بيروت شهر جي ڪيترين ئي عمارتن کي به نقصان پهتو آهي، روڊن رستن تي موجود گاڏين جا شيشا ٽٽڻ سان گڏ گاڏيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ به ماڻهن جي مرڻ ۽ زخمي ٿيڻ وارون جو وڏو تعداد شامل آهي. رپورٽس مطابق زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

بيروت ۾ ڌماڪو ان اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن ملڪ جي اڳوڻي صدر رفيق الحريري جي قتل جو فيصلو ٻڌائڻ جو وقت اچي وئي آهي، جيڪو گڏيل قومن جي خصوصي ٽربيونل پاران رفيق الحريري جي قتل جو فيصلو ايندڙ جمعي ڏينهن ٻڌايو ويندو، رفيق حريري کي پندرنهن سال اڳ 2005 ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *