Thursday , March 28 2024

پ پ جون بلاول کي مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪام، آصف زرداري جو شهباز شريف سان ملڻ کان کتو جواب

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف نبرجي ناهن سگهيا، فضل الرحمان جون آخري ڪوشوشُن ناڪام ٿيڻ بعد آصف زرداري پاڻ يا بلاول ڀٽو زرداري  شهباز شريف سان ملاقات کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، آصف زرداري قومي اسيمبلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪرڻ جو مطالبو رکيو هو جيڪو ن ليگ پاران رد ڪرڻ کانپوءِ آصف زرداري ناراض آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻن اهم پارٽين ۽ ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جي سخت مخالف ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ن ليگ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، پ پ پ سان صرف هڪڙي ڳالهه تي اختلاف آهي ته، آصف زرداري جي خواهش آهي ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪيو وڃي، ان لاءِ ن ليگ سندن ساٿ ڏئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، شحباز شريف کي جڏهن آصف زرداري جو اهڙو پيغام پهچايو ويو ته هُن نواز شريف سان صلاح مشوري جو چيو هو، جنهن بعد ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن پاران نواز شريف سان جيل ۾ ملاقات دوران آصف زرداري جي خواهش بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ سندس (نواز شريف ) جي مرضي معلوم ڪئي. ن ليگ جي ذريعن ٻڌايو ته، نواز معاملو شهباز شريف تي ڇڏيو ته جيڪو هُو بهتر سمجهي اهو فيصلو ڪيو وڃي. ن ليگ جي ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، معاملو جڏهن شهباز شريف وٽ پهتو ته هن ن ليگ جي پارلياماني پارٽي کان راءِ ورتي جنهن ۾  حمزه شهباز، مشاهدالله خان، احسن اقبال ۽ خواجا آصف قومي اسسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ بلاول کي نامزد ڪرڻ جي سخت مخالت ڪئي. جنهن کانپوءِ شهباز شريف سندن راءِ سان اتفاق ڪيو ۽ ٻيهر آصف زرداري کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ آخري ڪوشش ڪندي مولانا فضل الرحمان کي آصف زرداري سان ملاقات لاءِ موڪليو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ شهباز شريف جي حمايت ۽ وزير اعظم جي چونڊ لاءِ به کيس ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر آصف زرداري کتو جواب ڏيندي مولانا فضل الرحمان کي اهو به چيو ته، هو پاڻ يا بلاول شحباز شريف سان ملاقات به نه ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *